English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان کي 7ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي: اياز لطيف پليجو
105 views
|
30th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
اسان کي 7ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي: اياز لطيف پليجو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ ثقافتي ڏهاڙو جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌي عوام پنهنجي ثقافتي ڏينهن تي دنيا جي ٻين قومن سان محبت جو اظهار ڪري ٿي اسان کي ست ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي۔ سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان پيار ڪندڙ آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي قوم ھميشہ پنھنجي ڌرتي جو تحفظ ڪيو آھي،سورھيہ بادشاھ ھوشو شيدي ،شھيد فاضل راھو شھيد غزالا بتول صديقي ھيمون ڪالاڻي سميت ھزارين ۽ لکين ڌرتي ڌڻين جانين جا نظرانا ڏئي پنھنجن نسلن کي بچايو آھي۔اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تهذيبن جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي سنڌ جي ثقافت امن، برابري ۽ محبت جي ثقافت آهي. علم، امن، ميرٽ، صحت، شفافيت ۽ احتساب ۾ سنڌ جي بقا آھي. سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء جي ڌرتي آھي۔ شاھوڪار تھذيب جي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي اسان سڀني جي ذميواري آھي۔ ثقافتي ڏينھن ملھائي پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي ۽ ڪرپشن خلاف نئين عزم سان جھدوجھد جي ميدان ۾ لھڻ جو وچن ڪيو وڃي ڪرپشن، اقرباپروري اسان جي تھذيب، ثقافت ۽ سڃاڻپ کي تباھ ڪيو آھي۔ قدرتي وسيلن سان مالامال ڌرتي جا نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن۔ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو راڪاس زندگيون ڳڙڪائي رھيو آھن۔ پنھنجي ثقافت ۽ تھذيب جي بقا لاء بيدار ٿيڻ جي ضرورت آھي۔ ظلم خلاف جدوجھد جي ضرورت آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي سڄي دنيا سان گڏ هلڻ گهرجي، جي ڪڏهن اسان اڪيلو آهيون تہ اسان تباھ ٿي وينداسين. شاگردن کي مايوسي ۽ خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچڻو پوندو، فلسطين جي مظلوم ماڻهن تي سڄي دنيا ۽ مسلمان ملڪن جي بي حسي قابل مذمت آهي بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي ڪا بہ يونيورسٽي دنيا جي نامور يونيورسٽين ۾ شامل ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جو پيڪيج ڏنو وڃي اسان کي چين ۽ عربن جي ترقي ۽ رواداري مان سکڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ دبئي جا جديد شهر نيوم، شرم الشيخ، بالي، استنبول ۽ لانگڪوي بہ مسلمان ملڪن ۾ آهن، سنڌ جا شاگرد تعليم تي ڌيان ڏين، ترقي جو اهو ئي هڪ طريقو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان مان آيل غير قانوني مهاجرن کي سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي.اڄ پاڪستان ۾ شاگرد ۽ نوجوان سڀ کان وڌيڪ پريشان آهن. پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون شاگردن ۽ عورتن کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام ويون آهن: اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي سرداري، ڏوهن، ڪرپشن ۽ ويرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي ڪو بہ معاشرو رواداري ۽ رواداري کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، هنگامي قدم کنيا وڃن انتهاپسندي، جهالت ۽ ڪرپشن کي پاڙان پٽڻ گهرجي: اياز لطيف پليجي چيو تہ سمورن ڪرپٽ آفيسرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي پندرهن سالن کان پاڪستان کي غير يقيني واري صورتحال ۾ رکي نقصان پهچايو پيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بحريا ٽائون انتظاميه جي ڪارروائي، فليٽن آڏو گذرندڙ ٻڪرين کي پڪڙي ورتو
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير جون چونڊون، سيد سجاد علي شاھ صدر چونڊجي ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
قومي عوامي تحريڪ
وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي
سربراھ اياز لطيف پليجي
ثقافتي ڏهاڙو
cultural day
sindhi
0 تبصرے