English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ڊي سي جي صدارت ھيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تياري بابت اجلاس
52 views
|
07th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڊي سي جي صدارت ھيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تياري بابت اجلاس
سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت اجلاس, ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ جي صدارت هيٺ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت اجلاس منقعد ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي شهلا قريشي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر افتخار حسين سميت ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، ايجوڪيشن ورڪس، تعليم، صحت ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشنن جو ترقياتي ڪم ٻن ڏينهن اندر شروع ڪيو ويندو جڏهن ته سموريون پولنگ اسٽيشنون 31 ڊسمبر 2023ع کان اڳ حوالي ڪيون وينديون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل پولنگ اسٽيشنن جي مرمت سميت انھن ۾ پاڻي، بجلي، بائونڊري وال، واش رومز ۽ ٻين مسنگ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو پولنگ اسٽيشنن جي ترقياتي ڪمن جي نگراني کي يقيني بڻائين ۽ ان حوالي سان رپورٽ پيش ڪن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته چونڊن واري عمل کي مڪمل ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ ضلعي انتظاميہ جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
اسسٽنٽ ڪمشنرن
ڊپٽي ڪمشنر سجاول
ايس ايس پي شهلا قريشي
ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ
0 تبصرے