خيرپور جي ھاسٽل ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل شاگردياڻي جون ڏھرڪي ۾ آخري رسمون ادا

خيرپور جي ھاسٽل ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل شاگردياڻي جون ڏھرڪي ۾ آخري رسمون ادا

خيرپور جي ھاسٽل ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل شاگردياڻي جون ڏھرڪي ۾ آخري رسمون ادا

ڏهرڪي(رپورٽ؛ عمران علي ملڪ) خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي گرلس هاسٽل ۾ گذريل ڏينهن پراسرار نموني فوت ٿيل آخري سال جي شاگردياڻي سنيها جوتيڪا ڌي نارائڻ داس ڪيسواڻي ڏهرڪي شهر سان تعلق رکندڙ جو مڙه گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته سنيها ڪيسواڻي جو گهر ۾ آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد شهر جي شمان گهاٽ ۾ کيس اگني سنسڪار ادا ڪيو ويو جنهن ۾ هندو برادري جي ماڻهن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت شهرين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آگني سنسڪار بعد شاگردياڻي جي وارثن پاران شاگردياڻي جي خودڪشي توڙي کيس قتل ڪرڻ واري افواهن کي رد ڪندي کيس موت کي طبي موت قرار ڏئي ڇڏيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهيندي سينها ڪيسواڻي جي چاچي ڊاڪٽر واسديو ڪيسواڻي چيو ته منهنجي ڀائيٽي سنيها جوتيڪا خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ آخري سال جي شاگردياڻي جيڪا ڪاليج ۾ آخري سال جا پيپر ڏيڻ لاء هڪ هفتو اڳ گهران ڪاليج لاء وئي هئي هن چيو سنيها گذريل گهر وان سان پڻ ڳاله ٻول ڪئي پر ڪيل ڳال ٻول دوران هو ڏاڏي خوش ۽ پر سڪون هئي ته گذريل شام جو هو پنهنجي ڪلاس ميٽ سان گڏجي هاسٽل هئي اوچتو کيس دل ۾ تڪليف ٿيڻ سبب هو هاسٽل ۾ بيهوش ٿي وئي جنهن کي علاج لاء پهريان خيرپور جي سول اسپتال ۽ بعد ۾ اين آء سي وي ڊي سکر جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو پر هو فوت ٿي وئي جيڪو کيس موت طبي آهي هن چيو ته سنيها جي موت بابت کيس خودڪشي ڪرڻ توڙي قتل ڪرڻ واري افواهون ڪوڙيون ۽ من گهڙت آهن جنهن ۾ ڪا به صداقت ڪونهي هوڏانهن سنيها جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي