ريتي ۾ سرڪاري اسپتال جي عمارت ڊاھي پٽ، لکين روپين جو سامان مبينا وڪرو

ريتي ۾ سرڪاري اسپتال جي عمارت ڊاھي پٽ، لکين روپين جو سامان مبينا وڪرو

ريتي ۾ سرڪاري اسپتال جي عمارت ڊاھي پٽ، لکين روپين جو سامان مبينا وڪرو

ڏھرڪي ( رپورٽر) ريتي ۾ سرڪاري اسپتال جي بلڊنگ کي ريتي پوليس جا عملدارڏينھن ڏٺي جو پٽ،ڪرائي بلڊنگ مان نڪرندڙ سرون. سريا. ٽيئر گارڊر ۽ ٻيولکين روپين جو سرڪاري سامان وڪرو ڪرڻ لڳا،صحت کاتو بي خبر بڻيل ريتي شھر جي سرڪاري اسپتال جي بلڊنگ جي ڀڃ ڊاھ ڪري بلڊنگ مان نڪرندڙ سامان شھر جي ڪٻاڙين کي وڪرو ڪرڻ لڳا شھر واسين جو پوليس جي اھڙي عمل خلاف ڳڻتي جو اظھار. ريتي پوليس خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ، ريتي پوليس پاران سرڪاري اسپتال جي بلڊنگ جي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ جي اسان کي ڪا خبر به ناھي. نه ئي اسان کان اجازت گهري وئي آھي. ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر خبر موجب ريتي ۾ قائم سرڪاري اسپتال جي بلڊنگ کي ريتي پوليس جي حڪم تي ڀڃ ڊاھ ڪري ڪٻاڙين نظر ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي ريتي پوليس جي اھڙي غلط عمل خلاف ريتي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاه وندن طرفان سرڪاري اسپتال جو سامان وڪرو ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي وزير اعلي سنڌ کي ۽ ٻين وس وارن عملدارن کي اپيل ڪئي آھي ته سرڪاري اسپتال عوام جي ملڪيت آھي نه ڪه پوليس جي انھن چيو ته ريتي پوليس کي ڪو حق ناھي ته ھو سرڪاري عمارت جي ڀڃ ڊاه ڪري سرڪاري سامان وڪرو ڪري انھي سلسلي ۾ ريتي واسين، اڪبر علي، احمد علي چاچڙ، راحب علي علينواز سومرو ڪريم بخش حسين شر ۽ ٻين ميديا اڳيان ويچار ونڊيندي چيو ته پوليس جو ڪم سرڪاري مال ۽ عوام جو تحفظ ڪرائڻ آھي نه ڪه سرڪاري عمارتن کي ڀڃ ٽوڙ ڪرائڻ آھي. انھن چيو ته ريتي پوليس ريتي شھر جي سرڪاري اسپتال جي بلڊنگ جي ڀڃ ڊاھ ڪري سامان شھر جي ڪٻاڙين کي وڪرو ڪري ڪري قانون جي لتاڙ ڪري رھي آھي انھن وزير اعلي سنڌ وزير صحت ۽ ٻين اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ريتي پوليس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئڻ آئنده ٻيو ڪوبه شخص قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪري نه ته ريتي پوليس جي اھڙي ڪڌي عمل خلافاحتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ٻي پاسي عوامي آواز ريتي پاران دسٽرڪٽ گهوٽڪي جي ھيلٿ آفيسر کي اھڙو اطلاء ڪندي جڏھن موقف ورتوويو ته ڊي ايڇ او پاران چيو ويو ته پوليس جي اھڙي عمل خلاف اسان کي ڪابه خبر ناھي نه وري ريتي پوليس اسان کان سرڪاري اسپتال جي عمارت کي ڊاھڻ جي اجازت ورتي آھي