دڙو ھاءِ اسڪول ۾ استاد جي مبينا تشدد ۾ شاگرد بيھوش، اسپتال منتقل

دڙو ھاءِ اسڪول ۾ استاد جي مبينا تشدد ۾ شاگرد بيھوش، اسپتال منتقل

دڙو ھاءِ اسڪول ۾ استاد جي مبينا تشدد ۾ شاگرد بيھوش، اسپتال منتقل

سجاول(رپورٽر) سنڌ جي تعليم اڳيئي پٺ تي پيل آهي وري استاد اهڙو وحشي هجي ته ڪھڙو مائٽ پنھنجو اولاد پڙهائيندو اسڪول ۾ ٿوري دير ڪري وڃڻ تي استاد مڇرجي پيو ۽ شاگردکي چيو ته اسڪول ۾ دير سان ڇو پهتو آھين ، استاد جو شاگرد تي وحشياڻو تشدد، دڙو هاءِ سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد شاگرد تي وحشياڻو تشدد ڪري کيس ڏنڊا ۽ لتون هڻي شاگرد کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، شاگرد مهدي سومرو بيهوش ٿي ويو، جنهن تي کي دڙو اسپتال منتقل ڪيو ويو. شاگرد مهدي سومرو کي دڙو اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، شاگرد مهدي سومرو جي پيءُ جو چوڻ آهي ته جنهن به استاد منهنجي پٽ تي وحشياڻو تشدد ڪيو، ان استاد کي گرفتار ڪري کيس قانوني سزا ڏني وڃي