سجاول۾ ميڊيڪل جي ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

سجاول۾ ميڊيڪل جي ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

سجاول۾ ميڊيڪل جي ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

سجاول(رپورٽر) ڊائو يونيورسٽي انتظاميه پاران ٻيهر ورتل ميڊيڪل جي ٽيسٽ جو پرچو مبينه طور آئوٽ ٿيڻ خلاف سجاول ۾ ميڊيڪل جي ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن ۽ والدين خالد کٽي رئيس غلام محمد کٽي عبدالرزاق کٽي بشير سرويچ جي اڳواڻي ۾ مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاج ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ وٽ مظاهرو ڪيو ويو ان موقع تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته افسوس جو مقام آهي ٻيهر ميڊيڪل ٽيسٽ جو پرچو ليڪ ڪري سوين شاگردن ۽ انهن جي والدين جي ارمانن جو قتل ڪيو ويو آهي جڏهن پهرين ٽيسٽ دوران پرچو ليڪ آئوٽ ٿيو تڏهن سنڌ جي هزارين شاگردن شاگردياڻين ۽ انهن جي والدين احتجاج ڪري ان ٽيسٽ کي ٻيهر ڪرايو ھنن چيو ته جيڪو پيپر ليڪ ڪيو ويو ان ٽيسٽ جي ڪا به حيثيت نه آھي پڙھندڙ ٻار ۽ ان جا والدين پريشاني جو شڪار آھن انھن مطالبو ڪيو ته ڊائو جي رزلٽ ڪينسل ڪري ٻيھر شفاف نموني ٽيسٽ وٺي سنڌ جي ميرٽ کي بچايو وڃي.