English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گذريل حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران امداد جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي: اياز لطيف پليجو
218 views
|
29th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
گذريل حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران امداد جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران امداد جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي. ٻوڏ سبب سنڌ جا ماڻھو معاشي طور پٺتي پئجي ويا آھن. ٻوڏ سبب لکين متاثرن جا گھر ڊھي ويا. مال مري ويو ۽ فصل ٻڏي ويا. پ پ حڪومت ان متاثرن جي بحالي نہ ڪري سگھي آھي. ڊجيٽل آدمشماري ۾ انھن متاثرن جي ڳڻپ نہ ٿي سگھي. لکين ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو وڃي ھا تہ اھي معاشي طور پيرن تي بيھي وڃن ھا.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي پنھنجي سياسي مفادن لاءِ عالمي امدادي ادارن کي واھر کان روڪيو ۽ متاثرن جي بحالي بدران ماڻھن کي فقير بنايو. اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ ترقي ۾ باقي صوبن کان پوئتي رھجي وئي آھي. قبيلائي جھيڙا ۽ بدامني ناسور بنجي ويا آھن. جيڪي ماڻھو اغوا ٿين ٿا اھي ڀنگ ڀري بازياب ٿين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومتي وڏيرا ڏوھارين جا سرپرست بنيل آھن. منشيات جو زھر نوجوانن ۽ ٻارن کي تباھ ڪري رھيو آھي. سنڌ جا ماڻھو امداد جي آسري بدران پنھنجي پيرن تي بيھن، نوجوان ھنر سکن ۽ ڪراچي سميت وڏن شھرن ۾ اچي ڪاروبار ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا محنت ۽ ميرٽ وارن جي آھي. پ پ چاھي تہ ٿي ماڻھو سوال نه ڪن. محنت ۽ تعليم کان پري ھجن ۽ ووٽ ڏيڻ جي مشين ھجن. اھي فقير ھجن، خيرات جي آسري بنگلن جي اڳيان گھمندا رھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي اڃا وڌندي. حڪمرانن جون معاشي پاليسيون عوام دوست ناھن. ايندر اليڪشن ۾ ڪرپٽ ماڻھن کي رد ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
پيپلزپارٽي
0 تبصرے