سجاول ويجھو ڳوٺ ڇتو ملاح ۾ عورتن جي حقن بابت تقريب منعقد

سجاول ويجھو ڳوٺ ڇتو ملاح ۾ عورتن جي حقن بابت تقريب منعقد

سجاول ويجھو ڳوٺ ڇتو ملاح ۾ عورتن جي حقن بابت تقريب منعقد

سجاول (گلشيرميربحر) عورت دنيا جي عظيم ھستي آهي عورتن کي مردن جيترا برابر حق ملڻ گھرجن اسانجي بدبودار معاشري ۾ عورت کي ڪارو ڪاري گولين سان ماريو وڃي ٿو ڪيتريون ئي گلن جھڙيون معصوم نياڻيون مرجھائي ويون ھن دور ۾ عورت صرف گھر تايئين محدود ڪيو وڃي ٿو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياريو ته ھو بي نظير ٿي سگھن اھڙو اظهار سماجي اداري اين آر ايس پي جي اڳواڻ رياض علي آريسر ۽ علي حسن ڪوڏڻ ڳوٺ چتو ملاح جي ۾ عورتن جي تقريب کي مخاطب ٿيندي ڪيو ھنن وڌيڪ چيو ته عورت کي تڏهن حق ملندا جڏهن کين برابري جي نظر سان ڏٺو ويندو عورت ھر روپ ۾ ديوي آهي ھنن وڌيڪ چيو ته عورت ڪک مان جنم ڏيندڙ شفقت جي علامت آهي جتي سماج عورت لا رستا سوڙا ڪري ۽ کين تشدد جو نشانو بڻائي اتي انهن کي قانوني سزا ڏني وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته عورت جو احترام ڪيو وڃي ھر رشتي ۾ عورت سان بھتر سلوڪ ڪرڻ سان ئي جيت آهي