English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پريس ڪلب ۾ سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جي عنوان ھيٺ تقريب منعقد، ضلعي چيئرمين، ڊي سي، ايس ايس پي ۽ ٻيا شريڪ
102 views
|
28th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
شڪارپور پريس ڪلب ۾ سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جي عنوان ھيٺ تقريب منعقد، ضلعي چيئرمين، ڊي سي، ايس ايس پي ۽ ٻيا شريڪ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور" شڪارپور پريس ڪلب ۾ "ڪوشش" ۽ سنڌ صحافي اتحاد پاران شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي,ضلعي چيئرمين,ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي شڪارپور سميت مختلف سياسي,سماجي,قومپرست,صحافي ۽ ادبي ڌريون توڙي وڏي انگ ۾ شھري شريڪ,سنڌ ڌرتي سان محبتن جو اظهار,سگھڙن ڏور ۽ بيت ٻڌائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي,صوفي راڳين ماڻهن کي مست بڻائي ڇڏيو,مھمانن کي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا پيش,رپورٽ موجب: 3 ڊسمبر تي "پناھگيرن کان پاڪ سنڌ" جي عنوان ھيٺ اعلانيل ثقافتي ڏھاڙي جي مناسبت سان "ڪوشش" جي خاص عيوضي ۽ سنڌ صحافي اتحاد جي اڳواڻ جاويد راھوجو طرفان شڪارپور پريس ڪلب ۾ ھڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مھمان خاص طور ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ذوالفقار علي ڪماريو,ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ,ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران,چڪ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر نويد احمد مھر,سيد عبدالقادر شاهه امروٽي,اعجاز شاهه مشواڻي,اي ڪي لاشاري,صفدر امير پھوڙ,امجد بلوچ,سينيئر صحافي سلطان احمد رند,زاھد نون,وحيد بروھي,نادر بلوچ,شھر بچايو تحريڪ جي چيئرمين الاهي بخش شيخ,ميان ظفر علوي,عبدالسميع بلالي,عمران علي منگي,عبدالوھاب ڪاغذي,ڪامريڊ اسد سومرو ، اعجاز ڪاڪيپوٽو ,ھمير چانڊيو,ايڊووڪيٽ حسين بخش بروھي,ايڊووڪيٽ احسن حيدر لوڌي,جانثار کوسو ۽ نظير شاهه مشواڻي سميت مختلف سياسي,سماجي,مذھبي,قومپرست,صحافتي,ادبي ۽ شھري تنظيمن جي اڳواڻن توڙي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي,ان موقعي تي ناميارن سگھڙن عبدالستار ميربحر,علي گوھر مھر ۽ محمد قاسم شيخ ڏور,بيت ۽ ڳجھارتون ٻڌائي محفل ۾ شريڪ ماڻهن کي واھ واھ ڪرائي ڇڏي,تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ذوالفقار علي ڪماريو,ڊي سي الطاف احمد چاچڙ,ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران,ڊاڪٽر نويد مھر ۽ جاويد راھوجو چيو ته سنڌ جي خوبصورت ثقافت ھزارين سالن کان وٺي پوري دنيا ۾ ھڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي ۽ سنڌ جا ماڻهوَ مھمان نوازي سان گڏ اجرڪ ۽ ٽوپي سان پيار ڪندڙ آهن,ھنن چيو ته سنڌ ھڪ تاريخي حيثيت رکندڙ عظيم ڌرتي آهي جيڪا صدين کان قائم ۽ دائم رھندي اچي پئي پر ھتي ڪجهه عرصي کان آيل ڌارين پناھگيرن قبضا ڪري سنڌي قوم کي پٺتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ ھو ناڪام ٿي ويا آهن ۽ اڄ اسان جي ڪاميابي اھا آهي ته ڪاوش ۽ ڪوشش سٿ سميت سموري سنڌي قوم پناھگيرن کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪري رھي آهي ۽ سرڪار به ڌارين کي سنڌ صوبي مان ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي,ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڌرتي شاهه لطيف ۽ صوفي شھيد شاهه عنايت جھڙن ڪردارن سان سجايل پاڪ ۽ امن واري ڌرتي آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيندي,ثقافتي تقريب دوران نامياري صوفي راڳي مجيد سيال قومي ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل ۾ شريڪ ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو,تقريب ۾ آيل مھمانن کي ميزبان طرفان سنڌ جي ثقافت ٽوپين ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا،ثقافتي تقريب ۾ ڊاڪٽر جھانگير شيخ,حاجي عبدالرحمان شر,سيد اطھر شاهه,اسلام الدين لھر,ڪامريڊ احسان جيھو,محمد اسلم سومرو,الطاف لاڙڪ,جميل مھر,صدرالدين ککراڻي,عزيز شيخ,طيب انقلابي,ھدايت الله مھر,ذوالفقار مڱسي,نويد علي ميمڻ,وريل شيخ,زبير شيخ, ڪائونسلر محمد بخش جيهو ، عنايت الله ميمڻ,محبوب بلوچ,ديدار بلوچ,عتيق ڌڪڙ,حڪيم سھتو,عديل علوي,عاشق ڊومڪي,ڌڻي بخش نصيراڻي,عجب گل نصيراڻي,احسن راھوجو,ابرار چانڊيو,سراج پھوڙ,راشد معرفاڻي,الھداد شر,علي محمد ڀٽو,رياض انڙ,طاھر جان ڀٽو,فھد شھزاد سولنگي,روي ڪمار,راحيل ديشي ۽ درشن لعل اوڏ سميت ٽوپيون ۽ اجرڪ پاتل وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪري سنڌي ثقافت ۽ سنڌ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪندي سنڌ کي پناھگيرن کان پاڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
ڪوشش
ڪي ٽي اين
kawish
koshish
KTN
cultural day
0 تبصرے