ڪراچي ۾ ڊگري ڪاليج ۾ نرسري جي نالي تي مبينا قبضو

ڪراچي ۾ ڊگري ڪاليج ۾ نرسري جي نالي تي مبينا قبضو

ڪراچي ۾ ڊگري ڪاليج ۾ نرسري جي نالي تي مبينا قبضو

گڏاپ (رپورٽر ) ڪراچي يونيورسٽي روڊ گلستان جوهر بوائز ڊگري ڪاليج ۾ نرسري جي نالي تي قبضو ڪري عمارت تعمیر ڪئي وئي آهي قبضي واري عمل ۾ هڪ ڪلارڪ ملوث آهي جيڪو پاڻ کي مختلف وزيرن جو ماڻهو سڏرائي معاملي تي شڪايت ڪندڙ ڪاليج اسٽاف کي ڌماڪي رهيو آهي ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب محمود نالي هڪ ڪلارڪ جيڪو اڳ ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ ليب اسسٽنٽ طور ڪم ڪندڙ هو انهي وڏي چالاڪي سان قبضي جڳهه تي نرسري قائم ڪرڻ جي 2017 ۾ ڪاليج ۾ ان وقت جي پرنسپال کان اجارت ورتي جنهن بعد ان تي ڪاليج انتظاميا کي مختلف وزيرن جو ماڻهو سڏرائي ڌمڪيون ڏئي نرسري واري زمين تي گهر تعمير ڪرائي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان اگر ڪو به ڪاليج جو ماڻهو ٻڙڪ به ٻولي ٿو ته قبضي مافيا ڪلارڪ محمود انهيءَ کي ڏوراهين علائقي ۾ بدلي ڪرائن ۽ آڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ان حوالي سان ڪاليج جي ملازمن عامر علي ۽ الله وڌايو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪلارڪ محمود اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ۽ هاڻوڪي بلديات واري وزير مبين جماڻي جو ويجهو ماڻهو سڏائي ڪاليج انتظاميا کي بيلڪ ميل ڪري رهيو آهي ۽ اسانکي به بدلي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پر اسان اهو واضح ڪريون ٿا ته هن ڪاليج جي پٺيان واري پاسي نرسري جي نالي تي قبضو ڪري گهر ٺاهي ڪاليج جي چوديواري ٽوڙي الڳ گيٽ لڳائي ڇڏيو جيڪو هر لحاظ کان ڪاليج لا۽ سيڪيورٽي رسڪ بڻيل آهي هنن نگران وڏي وزير .صوبائي گهرو وزير سيڪريٽري تعليم صوبائي وزير تعليم کان گھر ڪئي آهي ته بااثر ڪلارڪ جي قبضي معاملي جي نوٽيس وٺي ڪاليج جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي هوڏانهن ان حوالي سان ڪاليج جي صبح ۽ شام واري شفقت جي پرنسپل نعيم خالد ۽ نور احمد جو چوڻ هو ته هي معاملو پراڻو آهي جنهن تي اسين ڪو به موئقف نه ڏينداسين باقي قبضو آهي يا نه اها ڳالهه زميني حقيقت پاڻ واضح ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪاليج اندر ڪلارڪ طرفان قبضو ڪرڻ واري معاملي تي سياسي سماجي ڌريون به خاموش آهن .