مورڙو ميربحر ملاحن ۽ دنيا لاءِ ھڪ وڏو ڪردار ھو:منظور ملاح

مورڙو ميربحر ملاحن ۽ دنيا لاءِ ھڪ وڏو ڪردار ھو:منظور ملاح

مورڙو ميربحر ملاحن ۽ دنيا لاءِ ھڪ وڏو ڪردار ھو:منظور ملاح

ڪراچي(رپورٽر) ڪالھھ 21 نومبر تي مھاڻن جي عالمي ڏينهن تي، ڏاھپ، بھادري، جي سرواڻ مورڙيو ميربحر جي مزار تي منظور احمد ملاح، مرڪزي چيئرمين ريلوي محنت ڪش يونين، مرڪزي چيئرمين ريل مزدور محاذ، ھڪ وڏي قافلي سان اچي چادر چاڙهي، سندس سان گڏ غلام مصطفي ملاح، اسرار ملاح، آزاد ملاح، علي ملاح، شاھنواز سولنگي، خير محمّد ميراڻي ۽ ٻين حاضري ڀري، دعا فاتح ڪئي ، برادريءَ عالم انسان لاءِ دعائون گهريون ، منظور احمد ملاح ويچار ونڊيندي چيو ته مورڙو ميربحر ملاحن ۽ دنيا لاءِ ھڪ وڏو ڪردار رھيو، ھن ڏاھپ، شجاعت، بھادري، پلاننگ، صف بندي ۽ اڳتي وڌڻ جو اعلا مثال ڇڏيو آھي، ملاحن ۽ دنيا وارن کي گھرجي ته سندس ڪردار تي مڪمل اڀياس ڪن سندس ڪردار ۽ ھن عالمي ڪارنامي تي ريسرچ ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ھن عظيم قائد جي مزار کي مڪمل طرح سان سنڀال ڪرڻ لاءِ اوقاف کاتي جي سپرد ڪيو وڃي،