ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جو اڳوڻو صدر ۽ ڪراچي سوشل فورم جو سربراھ محبوب علي عباسي ساٿين سميت پ پ ۾ شامل

ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جو اڳوڻو صدر ۽ ڪراچي سوشل فورم جو سربراھ محبوب علي عباسي ساٿين سميت پ پ ۾ شامل

ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جو اڳوڻو صدر ۽ ڪراچي سوشل فورم جو سربراھ محبوب علي عباسي ساٿين سميت پ پ ۾ شامل

ڪراچي (نبي بخش خاصخيلي) ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي اڳوڻي صدر ۽ ڪراچي سوشل فورم جي سربراھ محبوب علي عباسي پنهنجي ساٿين سميت پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر نثار کهڙو وقار مهدي ۽ خورشيد جوڻيجو جي موجودگي ۾ پيپلز سيڪريٽيريٽ ۾ پريس ڪانفرنس دوران پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو پاران پيپلز پارٽي ۾ محبوب عباسي سميت شموليت ڪندڙ سڀني ساٿين کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي بنا ڪنهن ٻولي رنگ نسل جو فرق ڪرڻ جي سڀني جي خدمت تي يقين رکي ٿي. اهيو ئي سبب آھي جو پيپلز پارٽي اڄ به ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري پارٽي آھي. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته پ پ جي خلاف ڀلي ڪيترا به اليڪشن اتحاد ٺهن ان سان ڪو به فرق نه پوندو اليڪشن اتحاد اهي ٺاهيندا آھن جن جو عوام ۾ ووٽ بينڪ نه هجي پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪنهن اليڪشن اتحاد جي ضرورت ناهي پ پ جو پاڙون عوام ۾ آھن ان ڪري پ پ ٻئي ڪنهن پارٽي سان نه پر عوام سان اليڪشن اتحاد ڪندي آھي. سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته ايندڙ چوندڙن ۾ پ پ کي واضع اڪثريت ملڻ بعد فيصلو ڪبو ته ملڪ جو صدر ڪير ٿئي. پ پ ۾ شموليت ڪندڙ محبوب عباسي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي آھي مان اڳ به عوام جي خدمت ڪندو رهيو آھيان ۽ ھاڻي ملڪ جي هن وڏي پليٽ فارم تان عوام جي وڌيڪ خدمت ڪندس. محبوب عباسي پنهنجن ساٿين اياز گاد, پنهل لاڙڪ, معشوق منگي, منصورعباسي, عبدالستار راڄپر, فراز شيخ, اياز خاصخيلي, جي ايم جمالي,حسنين عباسي, رفيق گوپانگ, شاهد عباسي ۽ ٻين سميت شموليت ڪئي.