ھٿ وٺي سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪيا ويا افغانين کي جنرل ضياء جي دور ۾ اسان تي مسلط ڪيو ويو: رياض چانڊيو

ھٿ وٺي سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪيا ويا افغانين کي جنرل ضياء جي دور ۾ اسان تي مسلط ڪيو ويو: رياض چانڊيو

ھٿ وٺي سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪيا ويا افغانين کي جنرل ضياء جي دور ۾ اسان تي مسلط ڪيو ويو: رياض چانڊيو

ٺٽو( ڊ ر) جيئي سنڌ محاذ طرفان سنڌ ۾ افغانين ۽ ٻين ڌارين جي نيڪالي ۽ زمينن تي قبضن خلاف عوامي رابطا مھم جي سلسلي ۾ اڄ ميرپورساڪري ۾ پارٽي چئيرمين رياض علي چانڊيو نواز شاهه ڀاڏائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ ڪري مين شاھره تي ڌرڻو ھنيو ويو جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڌرڻي کي خطاب ڪندي محاذ چئيرمين رياض علي چانڊيو چيو ته ھٿ وٺي سنڌ ۾ ڌاريان آباد ڪيا ويا افغانين کي جنرل ضياء جي دور ۾ اسان تي مسلط ڪيو ويو جن کي 40 سال ٿي چڪا آھن سندن تعداد اڌ ڪروڙ آھي حڪمرانن آندا به پاڻ پر کين نيڪالي ڏيڻ لاء تيار ناھن حالت ھي آھي ته سنڌ جا وارث ھڪ ويلي جي ماني نٿا کائي سگھن زمينون ڌاريان کڻي ويا ڪوڙي آدمشماري جا جعلي انگ اکر ظاھر ڪري اسان جي حق حاڪميت کي ختم ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آھي درياھ کسجي ويو تيل گيس ڪوئلي جا ذخيره صورتحال ايتري سنگين ٿي وئي آھي جو ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جي ويجھو اچي پھتا آھن افغانين کي صرف پنجاب ڪي پي ڪي مان ڪڍيو پيو وڃي حڪمرانن کي محفوظ پنجاب کپي جڏھن ته سنڌ ۾ افغانين کي ڪڍڻ لاء سرڪار بلڪل سنجيده ناھي سنڌ ۾ ڌاريان عذاب بڻيل آھن 40 لک افغاني سنڌ ۾ منشيات ھٿيار سمگل ڪرڻ ماڻھو مارڻ جھڙن ڏوھن ۾ ملوث آھن سنڌ جا شھري بکون پيا ڪاٽين ڪراچي سميت ڪنھن به جاء تي سنڌي ماڻھن لاء روزگار ناھي ھڪ طرف ڌاڙيل پيدا ڪيا ويا آھن ٻي طرف زرداري جھڙن نام نھاد جھموريت پسندن کي اسان تي مڙھي اسان جا شھر بحر بر ويران ڪيا ويا آھن ڪرپشن جو راڄ آھي معدني وسيلا پنجاب جي ترقي تي خرچ پيا ٿين غير ملڪي عيش پيا ڪن اسين پنھجي وطن ۾ دربدر آھيون ان جو ذميوار ھن ملڪ جو غلامانا نظام آھي رياض چانڊيو سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته ھو ڌارين جي نيڪالي زمينن جي واپسي ۽ روزگار لاء جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي طرفان 26 نومبر تي حيدرآباد ۾ اعلانيل احتجاجي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن وائيس چئيرمين نواز شاهه ڀاڏائي ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته اليڪش ڍونگ آھي طئه ٿيل نتيجا ظاھر ٿيندا عوام کي ووٽ جي نالي تي بي وقوف بڻايو ويندو اسان کي سائين جي ايم سيد جي واٽ وٺڻي پوندي جيڪا اسان جي نجات جو زريعو آھي ان موقعي تي نظير شيخ ضمير حاجاڻو امجد شوري سليم حاجاڻي شير دل شيخ مرتضي لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪيو