ڏھرڪي شھر ۾ حددخلين جو آزار، ٽريفڪ جام رھڻ معمول بڻيل، شھري پريشان

ڏھرڪي شھر ۾ حددخلين جو آزار، ٽريفڪ جام رھڻ معمول بڻيل، شھري پريشان

ڏھرڪي شھر ۾ حددخلين جو آزار، ٽريفڪ جام رھڻ معمول بڻيل، شھري پريشان

ڏھرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي ۾ ٽائون انتظاميه جي نااهلي سبب حددخلين جو آزار وڌي ويو شهر جي مک روڊ ۽ رستن تان چنگچي رڪشا ۽ وڏين گاڏين جي گذرڻ جي نتيجي ۾ هر وقت رش سبب اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ شاگردياڻين سميت شهري رستن تان وڏي مشڪل سان گذرڻ تي مجبور انتظاميه جي ملي ڀڳت سبب ريڙهين ۽ دوڪاندارن پاران ڪيل غير قانوني والار سبب شهر جا روڊ رستا سوڙها ٿيڻ سبب شهر پنهنجي سونهن وڃائي ويٺو شهرين پاران ڪيترائي ڀيرا ٽائون انتظاميه کي حددخلين ۽ بااثرن پاران ڪيل غير قانوني انڪروچمنٽ خلاف شڪائتن باوجود انتظاميه ڪاروائي کان قاسر بڻيل شهرين پاران اعلي اختيارين کان نوٽس وٺي حددخليون ۽ انڪروچمنٽ ختم ڪرائڻ جو مطالبو۔ٽائون انتظاميه ۽ انڪروچمنٽ انچارج جي نااهلي سبب شهر ۾ حددخلين جو آزار وڌي ويو جنهن سبب شهري سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن شهري خبر موجب ڏهرڪي ۾ ٽائون انتظاميه ۽ انڪروچمنٽ انچارج جي نااهلي سبب شهر ۾ حددخلين جو آزار وڌي ويو آهي جڏهن ته شهر ۾ حددخلين ۽ دوڪاندارن پاران ڪيل غير قانوني انڪروچمنٽ سبب شهر مان چنچگي رڪشا ۽ وڏين گاڏين جي گذرڻ جي نتيجي ۾ شهر جي مک روڊن ملت روڊ۔اناج منڊي بازار۔ظفر بازار۔داد روڊ۔يو بي ايل چوڪ۔ڏهر واه روڊ ۔ريتي روڊ سميت ٻين روڊن تي هر ووقت رش هئڻ جي نتيجي ۾ اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ شاگردياڻين ۽ شهري سخت مشڪلاتن جو شڪار بڻجي ويا آهن ان سلسلي ۾ شهرين غريب نواز علوي۔وڪيل غلام رسول مهر۔ سجاد لغاري۔امير بخش راڄڙي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٽائون انتظاميه جي نااهلي سبب شهر ۾ حددخلين جو آزار وڌي ويو آهي جنهن جي ڪري هر ووقت شهر جي مک روڊن تي رش روز جو معمول بڻجي ويو آهي انهن چيو ته دوڪاندارن پاران ڪيل انڪروچمنٽ سبب شهر جا روڊ سوڙها ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري سوڙهن رستن تان چنگچي ۽ وڏين گاڏين جي گذرڻ جي نتيجي ۾ روڊ بلاڪ ٿي وڃن ٿا انهن چيو ته شهر جي مختلف روڊن تي ٽائون عملي پاران 200 کان مٿي ملازم مقرر ڪيل آهن پر مقرر ملازم ڊيوٽي ڪرڻ بدران انڪروچمنٽ انچارج جي ملي ڀڳت سبب گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن جنهن جي ڪري ريڙهي وار ۽ چنچگي رڪشا ڊرائيور وچ روڊ تي رڪشا ۽ ريڙها بيهاري ڇڏن ٿا جنهن شهر جي مک روڊن تي هر ووقت رش ۽ دوڪاندارن پاران ڪيل انڪروچمنٽ سبب شهر پنهنجي سونهن وڃائي ويٺو آهي انهن چيو ته شهر ۾ ٿيل حددخلين ۽ انڪروچمنٽ بابت ڪيترائي ڀيرا ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر کي شڪائتون ڪيون آهن پر ان باوجود انتظاميه هن اهم معامري تي ڌيان ڏيڻ لاء تيار نه آهي جنهن جي سزا شهري ڀوڳي رهيا آهن انهن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهر مان حددخلين جو آزار ختم ڪرائي شهر جا روڊ رستا ويڪرا ڪري شهر جي خوبصورتي واپس آڻي وڃي