ڪراچي جي ڌڻي بخش ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ پانڌي بگٽي پاران ڪارنر گڏجاڻي منعقد

ڪراچي جي ڌڻي بخش ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ پانڌي بگٽي پاران ڪارنر گڏجاڻي منعقد

ڪراچي جي ڌڻي بخش ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ پانڌي بگٽي پاران ڪارنر گڏجاڻي منعقد

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي ڌڻي بخش ڳوٺ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ پانڌي بگٽي پاران ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. ڪارنر گڏجاڻي ۾ اين اي 242 جي اميدوار حاڪم جسڪاڻي. يوسي ٽي صفوران ٽائون جي چيئرمين تاج محمد وساڻ، يوسي چار جي چيئرمين بشير احمد خاصخيلي. گلشن سيد ٽينٽ سٽي جي باني سيد احمد شاھ ڪاظمي. نديم چانڊيو. پانڌي خان بگٽي. سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بگٽي برادري جي سوين ماڻهن پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. جن کي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن بگٽي برادري جي ماڻهن کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪئي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن حاڪم جسڪاڻي. تاج محمد وساڻ. بشير احمد خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جڏهن به اقتدار حاصل ڪيو آهي ان کي عوام جي طاقت ذريعي حاصل ٿيو آهي، پيپلزپارٽيءَ کي ماضي ۾ عوام کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پيپلز کي عوام کان پري نہ ڪري سگھيا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوامي ۽ پارلياماني سياست ڪئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي عوام کي روزگار فراهم ڪرڻ ۽ سندن دھليز تي مسئلا حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. ايندڙ اليڪشن ۾ بلدياتي اليڪشن جيان ڪراچي ۾ ڪاميابي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٿيندي. پروگرام ۾ مير منصور احمد سولنگي. عرفان چانڊيو. رجب لاشاري جي ايم چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.