نوابشاهه ۾ عورتن جو ايس ايڇ او خلاف احتجاج، نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام

نوابشاهه ۾ عورتن جو ايس ايڇ او خلاف احتجاج، نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام

نوابشاهه ۾ عورتن جو ايس ايڇ او خلاف احتجاج، نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام

نواب شاهه غريب آباد جي مڪراني بلوچ عورتن پنھجي گھر جي ٻاھران احتجاج ڪيو ، خبر موجب نواب شاهه غريب آباد جي مڪراني بلوچ عورتن احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ،ھينئر اسان جي گھرن م ست پوليس موبائيل گاڏين سان گڏ ايس ايڇ او طفيل ڀٽو چڙھائي ڪري بي رحمانو تشدد ڪري ، ٽن ڇوڪرن کي کڻي ويو ، ھنن چيو تہ ايس ايڇ او طفيل ڀٽو ٻن ڇوڪرن کي ڇڏي ڏنو ، باقي شعيب مڪراني بلوچ کي کڻي ويا ، ھنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ت اسان سان انصاف ڪيو وڃين ٻي صورت م اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين