ھاڻي وزيراعظم لاھور جو نھ پر لاڙڪاڻي جو بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو: عاجز ڌامراھ

ھاڻي وزيراعظم لاھور جو نھ پر لاڙڪاڻي جو بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو: عاجز ڌامراھ

ھاڻي وزيراعظم لاھور جو نھ پر لاڙڪاڻي جو بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو: عاجز ڌامراھ

نواب شاھ (ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراهه جي پارٽي اڳواڻن سيد عاطف زيدي، خان بھادر ڀٽي ۽ ٻين سان گڏ نواب شاھ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي بار بار مطالبن کان پوءِ اليڪشن جي مهيني جو اعلان ڪيو ويو آهي، ھن چيو ته اليڪشن جو شيڊول اڃا اچڻو آهي جنهن سبب خدشا آهن، مٺي جي جلسي ۾ ميرپورخاص ڊويزن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شهر جي جيالن شرڪت نه ڪئي، ھن چيو ته پيپلزپارٽي جي مٺي واري جلسي کي ڏسندي ئي مخالفن جون رڙيون نڪري رهيون آهن، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ پروپئگنڊا ڪندڙ بوکلاهٽ جو شڪار آهن، جڏھن ته پيپلز پارٽي پنهنجي مخالفن جو مقابلو ڪرڻ ڄاڻي ٿي، ھن چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي ووٽن جي بنياد تي 15 سالن تائين صوبي تي حڪومت ڪئي، پيپلز پارٽي چوي ٿي ته ڪو اسان جھڙو آھي ته اڳتي اچي، ھن چيو ته پيپلز پارٽي سياست ۾ اخلاقيات جي حامي آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي اجتماعي شڪست گھرجي ته پيپلز پارٽيءَ خلاف اتحاد ۾ شامل ٿئي، ھن چيو ته جيڪڏهن 8 فيبروري تي چونڊون ٿيون ته پيپلز پارٽي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ملندي، ھن چيو ته مٺي ۾ لکين ماڻهن جي ڪامياب جلسي تي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪون ڏيون ٿا، ھن چيو ته مٺي جو جلسو نان ڪورمو وارو جلسو نه هو، سڀاڻي کان پيپلز پارٽي ضلعي سطح تي ڪنوينشن منعقد ڪندي، ھن چيو ته م پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جو پروگرام ڪوئيٽا ۾ ٿيندو، ھن چيو ته حملي جي خدشن باوجود چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخواهه جو دورو ڪندو، ھن چيو ته ڪنهن کي به اهو خيال نه رکڻ گهرجي ته هو وزيراعظم ٿيندو، جيڪڏهن ڪو وزيراعظم هوندو ته بلاول ڀٽو لاهور نه پر لاڙڪاڻي مان هوندو، ھن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت دوران سمورا پرڏيهي دورا سرڪاري خزاني مان نه پر پنهنجي کيسي مان ڪيا آهن، پيپلز پارٽي چونڊون ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي سان اتحاد ناهي ڪيو، ھن چيو ته ڪڏھن ووٽ کي عزت ڏيو، ڪڏھن مونکي ڇو ڪڍيو جون ڳالھيون ڪيون وڃن ٿيون، روئڻ پٽڻ جي سياست ڪرڻ وارا ڳڙھي خدا بخش مان سياست سکن، ھن چيو ته پنھنجا ڳوڙھا اگھڻ لاءِ ٽشو پيپر جا ڪارخانا قائم ڪرڻا پوندا، روئڻ پٽڻ جي سياست جمهوريت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، ھن چيو ته عمران خان بابت چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن هن رياست جي ادارن تي حملا ڪيا ته پوءِ هڪ پريس تي معافي ڇو ملي وڃي ٿي، اهو اسان جو سوال آهي؟ ھن چيو ته متحده قومي موومينٽ پنهنجي ئي قائد کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، قائد جي خلاف اسان نه پر ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ديوارن تي لکي ڇڏيو آهي، محرومين جو روئيڻ پٺڻ واري ايم ڪيوايم جو ھي سنڌ ۾ گورنر موجود آهي، ھن چيو ته ايم ڪيو ايم هر دور ۾ حڪومت ۾ رهي آهي، متحده قومي موومينٽ اردو ڳالهائيندڙن جي پارٽي ناهي پر پيپلز پارٽي هن وقت اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندي پارٽي آهي، پيپلز پارٽي جي هر اليڪشن ۾ ووٽن جو انگ وڌي رهيو آهي، پيپلز پارٽيءَ خلاف اتحاد ٺاهڻ وارا بوکلاهٽ جو شڪار آهن، ھن چيو ته وزيراعظم لاءِ ڊوڙندي ڊوڙندي ماڻهو پاڪستان پهچي رهيا آهن، 16مھينا حڪومت ۾ رھڻ جو فيصلو قيادت ملڪ جي معاشي بحالي لاءِ پارٽي کي خطري ۾ وڌو، ھن چيو ته عمران خان جي پاليسين ملڪ کي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي دلدل ۾ دٻائي ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي وٽ مهانگائي، بيروزگاري کي منهن ڏيڻ ۽ عوام کي روزگار فراهم ڪرڻ جي صلاحيت موجود آھي.