ڏھرڪي ۾ ڌوٻي جي دڪان کي باھ، ھزار کان وڌيڪ وڳا سڙي رک، متاثر بيھوش

ڏھرڪي ۾ ڌوٻي جي دڪان کي باھ، ھزار کان وڌيڪ وڳا سڙي رک، متاثر بيھوش

ڏھرڪي ۾ ڌوٻي جي دڪان کي باھ، ھزار کان وڌيڪ وڳا سڙي رک، متاثر بيھوش

ڏھرڪي (رپورٽر) ڏھرڪي ۾ نامعلوم شر پسندن ڪپڙ استري ڪندڙ پورهيت جي دوڪان کي باه ڏئي ڇڏي باه لڳڻ سبب دوڪان ۾ پيل لکين روپين جا هڪ هزار کان مٿي وڳن سميت سمور سامان سڙي رک دوڪان کي باه لڳڻ جي اطلاع تي متاثره دوڪاندار بيهوش ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مدد جي اپيل۔منهنجي ڪنهن سان به دشمني ناهي پر خبر ناهي دوڪان کي ڪنهن باه ڏني آهي جنهن سبب کيس لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي خبر موجب ڏهرڪي شهر جي اناج منڊي ۾ نامعلوم شرپسندن پورهيت ڌوٻي وجي ڪمار مينگهواڙ جي دڪان کي باه ڏئي ڇڏي جنهن جي ڪري باه لڳڻ جي نتيجي ۾ دوڪان ۾ پيل گراهڪن جا لکين روپين جا 800 کان مٿي وڳا سڙي رک ٿيڻ سان گڏو گڏ دوڪان ۾ پيل سمورو فرنيچر ۽ سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته دوڪان کي باه لڳڻ جي اطلاع تي پورهيت وجي ڪمار دوڪان تي پهچي دوڪان ۾ پيل سمورو سامان سڙيل ڏسي کيس بيهوش ٿي ويو جنهن کي شهرين هوش ۾ آندو ان موقعي تي متاثره دوڪاندار وجي ڪمار ٻڌايو ته سندس دوڪان ۾ بجلي به ناهي ۽ گيس به بند پيل هو پر خبر ناهي کيس دوڪان کي ڪنهن باه لڳائي آهي هن چيو ته باه سبب دوڪان ۾ پيل مختلف گراهڪن جا لکين روپين جا 800 کان مٿي وڳا ۽ دوڪان ۾ پيل فرنيچر ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي هن چيو ته آئون وڳا استري ڪري گهر جو خرچ پکو هليندو هويس جيڪو به سامان سڙي ويو آهي هن ضلعي چيئرمين۔ ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته کيس مالي مدد ڪئي وڃي