سجاول جي گرلز ھاء اسڪول ۾ سائنسي اوزار فراھم ڪرڻ واري تقريب منعقد

سجاول جي گرلز ھاء اسڪول ۾ سائنسي اوزار فراھم ڪرڻ واري تقريب منعقد

سجاول جي گرلز ھاء اسڪول ۾ سائنسي اوزار فراھم ڪرڻ واري تقريب منعقد

سجاول (گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ تعليمي نظام جو جديد دور جي مطابق ھجڻ لازم ۽ ملظوم آهي ، ھڪ طالب علم جي معاشري ۾ انفرادي ترقي لاءِ کيس جديد تعليم سان روشناس ڪرائڻ طالب علم کي ملڪي ۽ بين الاقوامي معيار مطابق ترقي ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو - اھڙن خيالن جو اظهار ھن گورنمينٽ گرلز ھاء اسڪول سجاول ۾ ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي اسڪيم تحت تعليمي ادارن کي سائنسي اوزار فراھم ڪرڻ واري منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو - ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ ھو ته جديد ٽيڪنالاجي سان شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ معلومات جي حصول لاءِ دلچسپي پيدا ٿيندي آهي ، تعليم ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جو مقصد جديد تعليم کي ھٿي ڏيارڻ آهي - ھن چيو ته موجوده دور ۾ وڌ کان وڌ تعليمي ڪم ٽيڪنالاجي تي ئي منحصر ڪري ٿو ، ان لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي کپي ته هو موجوده دور جي تقاضي مطابق جديد تعليم ۽ ٽيڪنالوجي تي عبور حاصل ڪرڻ لاءِ دلچسپي سان گڏوگڏ محنت ڪن ته جيئن ھو اڳيان ھلي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگھن - ھن چيو ته ضلعي جي تعليمي ادارن م بنيادي سھولتن جي فراهمي لاءِ ھر وقت ڪوششون ورتيون پيون وڃن - ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گورنمينٽ گرلز ھاء اسڪول سجاول ، مير پور بٺورو ، جاتي ۽ گورنمينٽ گرلز ھاء اسڪول چوھڙ جمالي جي انتظاميه ۾ ليپ ٽاپ ، ملٽي ميڊيا ، ڪيمسٽري ، باٽني ، زولاجي ، فزڪس ، مائڪرو اسڪوپ ، سمارٽ بورڊ ۽ ٻيا سائنسي اوزار ورھايا - تقريب ۾ ھيڊ ماسٽر نصير احمد ميمڻ ، ھيڊ مسٽريس گورنمينٽ گرلز ھاء اسڪول ميرپور بٺورو آپا فرزانه ۽ ٻيا استاد ۽ عملدارن شرڪت ڪئي - بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ گورنمينٽ گرلز ووڪيشنل سينٽر سجاول ۾ عورتن کي سلائي مشينون ، ٽيبلون ، ڪينچيون ، استريون ۽ ٻيو لاڳاپيل سامان پڻ ورھايو - ان کان علاوه ھن گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول سجاول پھچي سجاول ، لاڏيون ، چوھڙ جمالي ، ميرپور بٺورو ۽ جاتي جي گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول انتظاميه ۾ پڻ اسڪولن لاءِ سائنسي اوزار ورھايا - ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪينڊري پيار علي خواجه ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري عنايت کٽي ، ڊي ڊي اي او اشرف شاعر ، ھيڊ ماسٽرز طفيل احمد ، ھارون چاوڙو ۽ ٻيا استاد پڻ موجود هئا - بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر عبدالواجد شيخ گورنمينٽ پرائمري اسڪول بھاول خان مگسي جو دورو ڪري اسڪول جي احاطي م جمع ٿيل ڊرينيج جو پاڻي ۽ عمارت جو معائنو ڪيو - ان موقعي تي ھن ايجوڪيشن ورڪس ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي ته اسڪول جي ڪمرن جي مرمت ، سولر سسٽم لڳائڻ سميت پاڻيءَ جي نيڪال کي جلد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سردي جي موسم ۾ شاگردن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي –