ٺٽي ۾ پوليو مھم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا وڃن: اسد علي خان

ٺٽي ۾ پوليو مھم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا وڃن: اسد علي خان

ٺٽي ۾ پوليو مھم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا وڃن: اسد علي خان

ٺٽو (شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسد علي خان جي صدارت هيٺ ايندڙ پوليو کان بچاءُ واري مهم جي انتظامن بابت دربار هال مڪلي ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي. ان موقعي تي هُن صحت کاتي سميت ٻين سمورن لاڳاپيل آفيسرن ۽ اين جي اوز جي نمائندن تي زور ڀريو ته هو 27 نومبر کان 3 ڊسمبر 2023 تائين شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي پنجن سالن تائين عمر جي ھر ٻار کي ڦڙا پيارين. هُن چيو ته پوليو ٽيمن جي 100 سيڪڙو نگراني ۽ برادرين سان رابطي کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته معصوم ٻارڙا مستقبل جا معمار آهن کين پوليو جهڙي موذي مرض کان بچائڻ لاءِ صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن صحت کاتي ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پوليو مهم ۾ يوسي سيڪريٽريز ۽ مقامي اين جي اوز جي نمائندن کي پڻ شامل ڪيو وڃي ته جيئن پوليو ٽيمن جي گهر گهر موجودگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام خاص ڪري والدين کي اپيل ڪئي ته هو سندن علائقن ۾ ايندڙ پوليو ٽيمن سان سهڪار ڪندي پنهنجي 5 سالن تائين عمر جي ھر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارين تہ جيئن انھن کي ھن خطرناڪ موذي