ڪشمور ويجھو ڳوٺ درياھھ خان جکراڻي ۾ مامن ڀاڻيجن ۾ جھيڙو، 11 ڄڻا سخت زخمي

نيڪ محمد جکراڻي ۽ ڀاڻج ديدار ڌر ۾ 7ايڪڙ زمين ايراضي 13 لک ۾ ٺيڪي جي معاملي تي جھيڙو ٿيو

ڪشمور ويجھو ڳوٺ درياھھ خان جکراڻي ۾ مامن ڀاڻيجن ۾ جھيڙو، 11 ڄڻا سخت زخمي

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو گيھلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ درياهه خان جکراڻي ۾ مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ زمين جي ٺيڪي معاملي تان جهيڙو ڪھاڙين جو آزادانہ استعمال ٻنهي ڌرين جا 11 ڄڻا سخت زخمي ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي طبعي امداد لاءِ ڪشمور تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، مامي نيڪ محمد جکراڻي ۽ ڀاڻيجي ديدار جکراڻي ڌر ۾ ست ايڪڙ زمين ايراضي 13 لک رپين ۾ ٺيڪي معاملي تي جھيڙو ٿيو ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا يارنهن ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ ديدار جکراڻي، لطيف جکراڻي، عبدالغفار جکراڻي ،مير گل جکراڻي، اسلام جکراڻي،بشير احمد جکراڻي، نيڪ محمد جکراڻي، علي نواز جکراڻي، غلام حسين جکراڻي، بقا محمد جکراڻي، سندر جکراڻي، زخمين ۾ شامل آهن جن کي ڪشمور اسپتال علاج لاءِ آندو ويو آهي زخمي ديدار جکراڻي ٻڌايو ته ماما نيڪ محمد جکراڻي کان ست ايڪڙ زمين 13 لک ۾ ٺيڪي تي ورتي سارين جو فصل کنيو آهي جڏهن ته ڪڻڪ جي پوکي ڪرڻ لاءِ روڪيو ويو مامي ٺيڪي جي رقم ورتي ڪڻڪ پوکي نه پيو ڪرڻ ڏي جنهن تي جھيڙو ٿيو آهي نيڪ محمد جکراڻي ڌر جو چوڻ آهي ته ٺيڪو ختم ٿي ويو آهي جنهن بعد اسان پنهنجي زمين سنڀالي آهي ڀاڻيجن اڳرائي ڪري جھيڙو ڪيو آهي گيھلپور پوليس زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪري ڇڏيو آهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار پوليس جو چوڻ آهي ته جھڙيندڙ ڌرين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،