فريال ٽالپر سان ملاقات بعد جي ڊي اي اڳواڻ حاجي خير محمد کوکر پ پ ۾ شامل

فريال ٽالپر سان ملاقات بعد جي ڊي اي اڳواڻ حاجي خير محمد کوکر پ پ ۾ شامل

فريال ٽالپر سان ملاقات بعد جي ڊي اي اڳواڻ حاجي خير محمد کوکر پ پ ۾ شامل

ٽنڊوالهيار پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ حاجي عبدالستار بچاڻي جي محنت نيٺ رنگ لاٿو جي ڊي اي اڳواڻ سردار حاجي خير محمد کوکر ۽ سندس پٽ ذوالقرنين کوکر پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو باقاعدا اعلان ڪري ڇڏيو ۔ سردار حاجي خير محمد کوکر حاجي عبدالستار بچاڻي سان گڏجي پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان ڪجھ ڏينهن اڳ ملاقات ڪئي هئي جنهن ملاقات ۾ هن ويجهن دوستن سان ملاقات بعد پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي هئي جنهن بعد اڄ ٻيهر خير محمد کوکر فريال ٽالپر سان پ پ سينئير اڳواڻ حاجي عبدالستار بچاڻي ۔ سابقه ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي ۽ سابقه صوبائي وزير رئيس امداد خان پتافي سان گڏجي ملاقات ڪري باقاعدا پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي ۔خير محمد کوکر جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت کي وڏي اھميت جوڳو سمجهيو پيو وڃي جنهن جو پارٽي ۾ شموليت سبب ٽنڊوالهيار ۾ ايندڙاليڪشن لا۽ پ پ مخالفن لا۽ وڏو ڌچڪو پڻ ڄاڻايو پيو وڃي باخبر زرائعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته تڪ پي ايس 60 تي هن ڀيري ضياء عباس شاھ کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ بدران سردار حاجي خير محمد کوکر کي پارٽي ٽڪيٽ ملڻ جا امڪان آهن ۔