قمبر ويجھو صوفي ورل فقير ابڙو جو ساليانو عرس 8 ۽ 9 نومبر تي ملھايو ويندو

ساليانو عرس صوفياڻي راڳ رهاڻ ۽ محفل سماع سان سجادھ نشين فقير امانت علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ ملهايو ويندو

قمبر ويجھو صوفي ورل فقير ابڙو جو ساليانو عرس 8 ۽ 9 نومبر تي ملھايو ويندو

قمبر (رپورٽر) هر سال جيان هن سال به حضرت صوفي وريل فقير ابڙو صوفي القادري سائين جو 106 ساليانو عرس مبارڪ بتاريخ 8 ۽ 9 نومبر 2023 بروز اربع ۽ خميس تي درگاھ صوفي وريل فقير ابڙو ڳوٺ ڏتل ابڙو لڳ ميان شاهل محمد ڪلهوڙو ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ۾ نهايت عقيدت و احترام، فقرائي صوفي راڳ رهاڻ ۽ محفل سماع سان درگاھ جي سجادھ نشين سائين فقير امانت علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ ملهايو ويندو, جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان درگاھ جا طالب فقير، عقيدتمند، سڀني درگاهن جا سجادھ نشين ۽ انهن جي فقيرن جا سنگ شامل ٿيندا. صوفي سائين وريل فقير ابڙو ۽ ٻين صوفي فقيرن جي ڪلام سان ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. روايت موجب مينڌي جي رسم درگاھ جي سجادھ نشين سائين فقير امانت علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ عرس جي آخري ڏينهن تي منجهند جو 2 بجي ادا ڪئي ويندي.