English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڌمڪيون ملي رهيون آهن، منهنجي جان کي سخت خطرو آهي: ام رباب چانڊيو
views
|
07th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ايس ايڇ او منهنجي سيڪيورٽي معاملن ۾ مداخلت ڪري هدايتون ڏئي رهيو آهي
ميهڙ (رپورٽر) ٽن شھيدن جي وارث ام رباب چانڊيو پنهنجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي جان کي سخت خطرو آهي مون کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن پوليس منهنجو ڪيس خراب ڪري رھي آهي آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي اسان جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار ڪريم چانڊيو جي پٽ ايس ايڇ او امداد چانڊيو جنهن جو والد اسان جي قتل ڪيسن ۾ جيل ۾ آهي ان کي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ کيس هوم ڊسٽرڪٽ ۾ مقرر ڪيو ويو آھي، مذڪوره ايس ايڇ او بابت سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيل بيان تان پوليس ڦري وئي آهي ان ايس ايڇ او منهنجي سيڪيورٽي معاملن ۾ مداخلت ڪري هدايتون ڏئي رهيو آهي هن چيو ته جنهن سان اسان جو مسئلو هلندڙ آهي ان کي اسان جي سيڪيورٽي جي ذميواري ڪيئن ڏني وئي آھي، هن چيو ته ڊي آءِ جي چئي ٿو اڳتي ائين نه ٿيندو هن وقت تائين جيڪو ٿيو ان جو ذميوار ڪير آهي هن چيو ته خدارا هوش کان ڪم وٺو منهنجي زندگي خطري ۾ آهي اگر مون کي ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ پوليس هوندي، هن چيو ته منهنجو هي پيغام آءِ جي سنڌ لاءِ آهي پوليس منهنجو ڪيس خراب ڪري رهي آھي ھن چيو تہ مان ڪا به ڳالهه بغير ثبوت جي ناهيان ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس ۾ ڇپيل بگهڙن کي سڃاڻي نه ٿو سگهي ته پوءِ پوليس تي اناالله وانا عليه راجعون پڙهي ڇڏي، هن چيو ته مذڪوره ايس ايڇ او جي هدايتن ۽ مداخلت اسان جي شاهدن کي حراسان ڪري رهيو آهي جنهن سبب اسان جو گواهه عدالت ۾ پريشر اچي بي هوش ٿي ويو ھو هن چيو ته پوليس جي اهڙي عمل کان پوءِ مان ڪيئن يقين رکان ته اسان سان انصاف ٿيندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ميهڙ
ام رباب چانڊيو
وارث ام رباب چانڊيو
سنڌ نوٽيس
0 تبصرے