English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
روهڙي:پارڪ جي چوديواري ٺاهيندڙ ٺيڪيدار بيٺل وڻ غير قانوني طور وڍائي وڪڻي ڇڏيا
43 views
|
07th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
ٽريڪر ٽرالي ڊرائيور فيروز پٺاڻ، عرض سومرو، علي حسن، علي شير سومرو ۽ گلاب خان پٺاڻ گرفتار
روھڙي (رپورٽر) روهڙي واري علائقي ريلوي ڪالوني لوڪوشڊ ۾ محمدي پارڪ (جنازي گاھ) جي چوديواري ٺاهڻ واري ٺيڪيدار محمدي پارڪ جنازي گاھ ۾ لڳل سرسبز قيمتي ڇانوَ وارا وڻ غيرقانوني طور ڪٽائيندي گاڏيون ڀري وڪروڪري ڇڏيا۽ ڪجھ رھجي ويل وڻ ٽريڪر ٽرالين ۾ ڀري وڪڻڻ وڃي رھيو ھو ته ريلوي اختيارين غيرقانوني وڻ ڪٽڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جون وائرل ٿيل وڊيو ڏسندي ئي سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ پوليس کي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيوجنھن بعد ريلوي پوليس ڪٽيل وڻن کي وڪري لاءِ کڻي ويندڙ مزدورن ۽ ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ريلوي ٿاڻي تي نيو ويو جڏھن ته مذڪوره ٺيڪدار فرار ٿي ويو ٻئي پاسي پوليس اصل ڏوھاري ٺيڪدار کي آجو قرار ڏيندي فقط ٽريڪر ٽرالي ڊرائيور سميت 5 پورھيتن جن ۾ فيروز پٺاڻ , عرض محمد سومرو ,عليحسن سومرو, علي شير سومرو ۽ گلاب خان سليمان خيلي پٺاڻ شامل آهن جن تي سرڪاري ملڪيت کي نقصان ۽ چوري جو ڪيس داخل ڪري سمورن جڻن کي ريلوي ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سياسي سماجي تنظيمن سميت سوشل تنظيمن پاران ريلوي اختيارين , ميونسپل ڪميٽي روهڙي انتظاميه ۽ ٻيلي کاتي سميت ماحوليات کاتي کان گهر ڪئي آ ته ٺيڪيدار جنازي گاھ پارڪ ۾ موجود قيمتي ۽ قديمي وڻن کي غير قانوني طور وڍرائي سخت ڏوھ ڪيو ۽ پبلڪ پراپرٽي مان يعني پارڪ مان لکين روپين جا دروازا ۽ گرليون ڪڍي ڪٻاڙي کي وڪرو ڪيون آهن اھڙي لاپرواهي تي ٺيڪيدار ۽ مٿس سياسي پٺڀرائي ڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي سمورن ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري قانوني گرفت ۾ آڻي ٺيڪدار کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
روهڙي
ريلوي ڪالوني لوڪوشڊ
0 تبصرے