حيدرآباد: پٺاڻ ڪالوني مان بيڪري مالڪ کان 14 لک رپيا ڦر، رپورٽ داخل

بيڪري هلائيندڙ سلطان اعواڻ ٿيلهي ۾ 14 لک رپيا روڪ رقم گهر کڻي وڃي رهيو هو ته کائنس ڦر ٿي: پوليس

حيدرآباد: پٺاڻ ڪالوني مان بيڪري مالڪ کان 14 لک رپيا ڦر، رپورٽ داخل

حيدرآباد: پٺاڻ ڪالوني مان بيڪري مالڪ کان اڻڄاتل ڦورو مبينا طور 14 لک رپيا ڦري ويا، ٿاڻي تي رپورٽ داخل بيڪري هلائيندڙ سلطان اعواڻ ٿيلهي ۾ 14 لک رپيا روڪ رقم گهر کڻي وڃي رهيو هو ته گهٽي نمبر 1 ۾ سندس گهر ٻاهران تاڙ ۾ بيٺل 2 ڄڻا پئسن وارو ٿيلهو ڦر ڪري فرار ٿي ويا متاثر بيڪري مالڪ مارڪيٽ ٿاڻي تي پهچي ڦر بابت رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي ايس ايڇ او مارڪيٽ جو چوڻ آهي ته بيڪري مالڪ جو چوڻ آهي ته هو بيڪري بند ڪري سموري رقم گهر کڻي پئي ويو ته ڦورن کائنس گهٽي ۾ گهر ٻاهران ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا آهن بيڪري هلائيندڙ سلطان اعواڻ کان ڦر واقعي جا فٽيج به هٿ ڪري ورتا آهن پر فٽيج ۾ رڳو سندس هٿ ۾ بيگ کڻي گهر ويندي ۽ ڦورن کي پيڇو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو مختلف هنڌن تي لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن مان ٻيا فٽيج به هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي