English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سني ۾ پاڪ فوج جي جوانن تي حملو ۽ ميانوالي ۾ ايئر بيس تي حملو بزدلاڻيون ڪاررايون ھُيون: شرجيل انعام ميمڻ
91 views
|
06th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿي آھي
ڪراچي: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ دشمن پاڪستان کي نقصان رسائڻ چاھين ٿا، پسني ۾ پاڪ فوج جي جوانن تي حملو ۽ ميانوالي ۾ ايئر بيس تي حملو بزدلاڻيون ڪاررايون ھُيون، دھشتگردي جي واقعن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج خلاف زھريلي پروپيگنڊا ڪئي وئي، اسان فورسز جي سمورن جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا.
ھن چيو تھ پيپلز پارٽي جو موقف آھي تھ چونڊون اڄ ڪرايون وڃن يا سڀاڻي اسان تيار آھيون، سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿي آھي، پيپلز پارٽي کي ڪڏھن بھ ليول پليئنگ فيلڊ ناھي مليو.
ڪراچي ۾ بلاول ھائوس تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سعيد غني ۽ سريندر ولاسائي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي نھ رڳو سنڌ، ڪشمير، بلوچستان ۽ ملتان ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻي ۽ مڪاني چونڊن ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪلين سويئپ ڪيو ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪلين سوئيپ ڪندي.
ھن چيو تھ پي ٽي آءِ جو بيانيو ملڪ قوم ۽ ادارن جي خلاف ھو، عوام اُن قسم جي سوچ کي ووٽ ناھي ڏيندي، پيپلز پارٽي مارشل لائن جي خلاف جدوجھد ڪئي پر ڪڏھن بھ ادارن تي حملا نھ ڪيا.
ھن چيو تھ ھڪ پارٽي چونڊون نھ ٿي چاھي، پر اسان جو موقف آھي تھ چونڊون اڄ ڪرايون وڃن يا سڀاڻي اسان تيار آھيون،
ھڪ پارٽي ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ جو ڪريڊٽ کڻڻ چاھي ٿي، ملڪ کي ايٽمي قوت شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بڻايو ۽ ملڪ کي سي پيڪ ڏيڻ وارو آصف علي زرداري آھي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھر سياسي پارٽي ملڪ ۾ پولورائيزيشن جي ڳالھھ ڪئي پر پيپلز پارٽي عوام کي متحد رکيو، بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو واحد ميچوئر ليڊر آھي جيڪو سڀني کي جوڙڻ جي ڳالھھ ڪري رھيو آھي ۽ پيپلز پارٽي واحد پارٽي آھي جيڪا چئي رھي آھي تھ سڀني کي گڏ کڻي ھلجي، ھر پارٽي ماڻھن کي تقسيم ڪرڻ جي سياست ڪئي پر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو.
ھن چيو تھ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان ايم ڪيو ايم جي اتحاد تي پٽڪو ڪرڻ وارا ھاڻي ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري رھيا آھي، جيڪي بھ نوان اتحاد جڙي رھيا آھن، اھا ڪا وڏي وڏي ڳالھھ ناھي، پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو ۽ انشااللھ عام چونڊن ۾ بھ ڪلين سوئيپ ڪندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
پيپلز پارٽي
شرجيل انعام ميمڻ
دھشتگردي
0 تبصرے