نوشهروفيروز ڀرسان پلاٽ جي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي

نوشهروفيروز ڀرسان پلاٽ جي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي

نوشهرو فيروز (ڊ ر)پلاٽ جي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو سخت زخمي خبر موجب شهر ڀرسان ڳوٺ نهال ونگاڻي ۾ پلاٽ جي معاملي تان ونگاڻي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ مبينا ٽن ڄڻن قمبر علي، غلام ولد نبي بخش ۽ عرفان علي پاران زمين تي ڪم ڪندڙ اختر علي ولد پير بخش ونگاڻي تي حملو ڪري سڌيون گوليون هڻي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا۔ اطلاع ملڻ تي نوشهروفيروز پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن طرفان ابتدائي طبي امداد فراهم ڪئي وئي۔ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ نواب شاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو۔