اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ٻلھڙيجي ۾ صحافي اسد ٻگھيو سان تعزيت

سنڌ ۾ جي ڊي اي کي مظبوط ڪري پ پ جو ايندڙ عام چونڊن ۾ مقابلو ڪنداسين: ڊاڪٽر صفدر عباسي

اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ٻلھڙيجي ۾ صحافي اسد ٻگھيو سان تعزيت

موھن جو دڙو (رپورٽر) سنڌ ۾ جي ڊي اي کي مظبوط ڪري پ پ جو ايندڙ عام چونڊن ۾ مقابلو ڪنداسين، پ پ ۾ شامل نہ ٿا ٿيون، اهي افواهہ آهن،جتي آهيون اتي مظبوط آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي ٻلهڙيجي ۾ صحافي اسد ٻگهيو جي والد جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪرڻ دوران ڪيو. جي ڊي اڳواڻ چيو تہ ڪجه ماڻهو ذاتي سطح تي پ پ ۾ شامل ٿيا آهن ان جو جي ڊي اي تي اثر نھ پوندو. هن چيو تہ اسان جي يو آء ۽ ٻين پارٽين سان گڏجي مظبوط اتحاد ٺاهي پ پ جو سنڌ ۾ سخت مقاڀلو ڪنداسين. هن چيو تہ نواز شريف هاڻي ميدان ۾ لٿو آهي. ان کي پي ٽي آء سان سخت مقابلو ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ پي ٽي آء جي حمايت نواز ليگ لاء هڪ وڏو چيلينج آهي.