English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گيس جي اگهن ۾ اضافي سان صنعتون ۽ گهريلو صارفين جو چلهو بند ٿي ويندو: محمد حسين محنتي
137 views
|
31st Oct 2023
•
سنڌي خبرون
آءِ ايم ايف جي فرمائش تي بجلي ۽ گيس مهانگي ڪري مهانگائي جي ماريل عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي نگران سرڪار پاران عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي فرمائش تي بجلي ۽ پيٽروليم مصنوعات کان پوءِ عوام مٿان گيس بم ڪيرائڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته صعنتن ۽ گهريلو صارفين لاءِ گيس جي اگهن ۾ 172فيصد اضافو ڪرڻ مهانگائي جي ماريل عوام جي گهر جو چلهو بند ڪرڻ برابر آهي، پي ڊي ايم کان پوءِ موجوده ڪاڪڙ سرڪار ساڳي عوام دشمن پاليسي جاري رکي عوام مٿان مهانگائي جو جن مسلط ڪرڻ عوام دشمني جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. حڪمران طبقي پنهنجي عياشين کي ختم ڪرڻ بدران سمورو بار عوام مٿان وجهي سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، گيس جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي کان پوءِ ايڪسپورٽ بند ۽ صنعتون هلائڻ به مشڪل ٿي ويندو. محمد حسين محنتي اڄ پنهنجي مذمتي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪفايت شعاري جي نالي تي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي پئي وڃي، حڪمران ٽولي ايٽمي ملڪ جي عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏي آهي، پنهنجي ذاتي مفادن جي نگهباني، سليڪٽ حڪمرانن کي بار بار ملڪ مٿان مسلط ڪرڻ ثابت ڪيو آهي ته سڀني سياسي پارٽين وٽ عوام جي فلاح لاءِ ڪوبه منصوبو ڪونه آهي. ملڪ جي عوام سڀني پارٽين کي بار بار آزمائي ڏٺو آهي ڪنهن به ليڊر يا جماعت سندن حقن جو تحفظ ناهي ڪيو سڀني گڏجي عوامي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن انڪري هاڻي عام ماڻهو وٽ جماعت اسلامي کان سواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ڪونه آهي، جماعت اسلامي ئي واحد جماعت آهي جيڪا ملڪ ۽ عوام جي مڙني مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اسان ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف جو شرعي نظام نافذ ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ هر شهري کي پنهنجا حق ملي سگهن، عوام کي خوشحال ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ مُدي خارج نظام ۽ آزمايل سياسي جماعتن مان هاڻي ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ اڻٽر ٿي پيو آهي. قرآن ۽ سنت جي نظام نافذ ٿيڻ سان ملڪ ۾ بي امني، مهانگائي، بدحالي ۽ بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو ۽ عام ماڻهن کي عدالتن مان انصاف ملندو انڪري قوم کي اپيل ڪريون ٿا ته هاڻي جماعت اسلامي جي ديانتدار ۽ باصلاحيت قيادت جي چونڊ ڪري. صوبائي امير نگران سرڪار کان پُرزور مطالبو ڪيو ته بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ تازو ڪيل اضافو في الفور واپس وٺي عوام کي رليف ڏنو وڃي.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
جماعت اسلامي
سنڌ جي امير
محمد حسين محنتي
0 تبصرے