گيس جي اگهن ۾ اضافي سان صنعتون ۽ گهريلو صارفين جو چلهو بند ٿي ويندو: محمد حسين محنتي

آءِ ايم ايف جي فرمائش تي بجلي ۽ گيس مهانگي ڪري مهانگائي جي ماريل عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي

گيس جي اگهن ۾ اضافي سان صنعتون ۽ گهريلو صارفين جو چلهو بند ٿي ويندو: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي نگران سرڪار پاران عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي فرمائش تي بجلي ۽ پيٽروليم مصنوعات کان پوءِ عوام مٿان گيس بم ڪيرائڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته صعنتن ۽ گهريلو صارفين لاءِ گيس جي اگهن ۾ 172فيصد اضافو ڪرڻ مهانگائي جي ماريل عوام جي گهر جو چلهو بند ڪرڻ برابر آهي، پي ڊي ايم کان پوءِ موجوده ڪاڪڙ سرڪار ساڳي عوام دشمن پاليسي جاري رکي عوام مٿان مهانگائي جو جن مسلط ڪرڻ عوام دشمني جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. حڪمران طبقي پنهنجي عياشين کي ختم ڪرڻ بدران سمورو بار عوام مٿان وجهي سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، گيس جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي کان پوءِ ايڪسپورٽ بند ۽ صنعتون هلائڻ به مشڪل ٿي ويندو. محمد حسين محنتي اڄ پنهنجي مذمتي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪفايت شعاري جي نالي تي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي پئي وڃي، حڪمران ٽولي ايٽمي ملڪ جي عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏي آهي، پنهنجي ذاتي مفادن جي نگهباني، سليڪٽ حڪمرانن کي بار بار ملڪ مٿان مسلط ڪرڻ ثابت ڪيو آهي ته سڀني سياسي پارٽين وٽ عوام جي فلاح لاءِ ڪوبه منصوبو ڪونه آهي. ملڪ جي عوام سڀني پارٽين کي بار بار آزمائي ڏٺو آهي ڪنهن به ليڊر يا جماعت سندن حقن جو تحفظ ناهي ڪيو سڀني گڏجي عوامي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن انڪري هاڻي عام ماڻهو وٽ جماعت اسلامي کان سواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ڪونه آهي، جماعت اسلامي ئي واحد جماعت آهي جيڪا ملڪ ۽ عوام جي مڙني مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اسان ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف جو شرعي نظام نافذ ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ هر شهري کي پنهنجا حق ملي سگهن، عوام کي خوشحال ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ مُدي خارج نظام ۽ آزمايل سياسي جماعتن مان هاڻي ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ اڻٽر ٿي پيو آهي. قرآن ۽ سنت جي نظام نافذ ٿيڻ سان ملڪ ۾ بي امني، مهانگائي، بدحالي ۽ بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو ۽ عام ماڻهن کي عدالتن مان انصاف ملندو انڪري قوم کي اپيل ڪريون ٿا ته هاڻي جماعت اسلامي جي ديانتدار ۽ باصلاحيت قيادت جي چونڊ ڪري. صوبائي امير نگران سرڪار کان پُرزور مطالبو ڪيو ته بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ تازو ڪيل اضافو في الفور واپس وٺي عوام کي رليف ڏنو وڃي.#