ڪراچي: آگرا تاج جي غير قانوني 7 منزل غير قانوني عمارت ڊاهڻ ۾ ايس بي سي اي ٽيم ناڪام

شهرين ۽ پوليس ۾ جهڙپون، عورتون پاڪ ڪتاب کڻي ٻاهر نڪري آيون

ڪراچي: آگرا تاج جي غير قانوني 7 منزل غير قانوني عمارت ڊاهڻ ۾ ايس بي سي اي ٽيم ناڪام

ڪراچي: عدالتي حڪم باوجود آگرا تاج جي غير قانوني 7 منزل غير قانوني عمارت ڊاهڻ ۾ ايس بي سي اي ٽيم هڪ دفعو ٻيهر ناڪام،
پوليس جي رهواسين تي لاٺي چارج، بلڊنگ جي مين دروازي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش، شهرين ۽ پوليس ۾ جهڙپون، عورتون پاڪ ڪتاب کڻي ٻاهر نڪري آيون
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم جو ڪارنامو، عمارت خالي ڪرائي ڊاهڻ بجاءِ رهائشي ماڻهن جي موجودگي ۾ عمارت کي ڊاهڻ شروع ڪيو ويو ته شهرين مزاحمت شروع ڪري ڇڏي
ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊيموليشن ريحان خان جي سربراهي ۾ ٽيم لياري جي آگرا تاج واري علائقي ۾ پهتي ته رهواسين پاران سخت مزاحمت کانپوءِ آپريشن ملتوي ڪيو ويو
ايس بي سي اي کي لياري کڏا مارڪيٽ ۽ آگرا تاج ۾ ٻه عمارتون مسمار ڪرڻيون هيون، لياري ۾ ٻن عمارتن کي عدالتي حڪم تي خالي ڪرائڻ بعد ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو هو
ايس بي سي اي، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي وڏي نفري عمارت ڊاهڻ لاءِ پهتي، ناقص پلاننگ ۽ انتظامن سبب شهرين جي مزاحمت سبب ڊيموليشن ٽيم کي ناڪامي نصيب ٿي
کڏا مارڪيٽ ۾ رهائشي عمارت ۾ رهواسي موجود هئا، ڊيموليشن ٽيم ماڻهن کي ڪڍڻ بجاءِ مين دروازي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته شهري مزاحمت لاءِ ٻاهر نڪري آيا
لياري جي کڏا مارڪيٽ ۾ ايس بي سي اي ٽيم، پوليس ۽ ضلعي انتظاميه کي ناڪامي نصيب، رهواسين پوليس کي بلڊنگ ۾ اندر اچڻ کان منع ڪري ڇڏيو
رهواسي جو چوڻ آھي تھ ڪنهن به صورت ۾ فليٽ خالي نه ڪنداسين، اسان وٽ دستاويز موجود آهن، اسان کي ٻيو متبادل گهر به ناهي،