مڪلي تي تعليمي ڪانفرنس دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مقابلا

مختلف سينٽرن جي شاگردياڻين ۽ شاگردن پاران تقريرين، ذھني چٽا ڀيٽي جا مقابلا ڪرايا ويا

مڪلي تي تعليمي ڪانفرنس دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مقابلا

شڪارپور ( احسان ابڙو ) مڪلي تي تعليمي ڪانفرنس ۾ سرڪاري ۽ وڏي عمر جي ٻارڙن جي تعليم لاء ھلندڙ سينٽرن جي شاگردياڻين ۽ شاگردن پاران مختلف تقريرين، ذھني چٽا ڀيٽي، خاڪا، ٽيبلو ۽ قومي گيتن تي رقص ڪري خوب داد حاصل ڪيو، استادن تعليمي عملدارن ۽ سڄاڻ ڌرين پاران سرڪاري اسڪولن ۾ ھر ٻار کي تعليم جو بنيادي حق ڏيارڻ لاء ڀر پرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو وچن. تعمير خلق فائونڊيشن ٺٽي سيو دي چلڊرين جي سھڪار سان جيم خانه ۾ سڏايل تعليمي ڪانفرنس ۾ سرڪاري اسڪولن تعمير خلق فائونڊيشن جي ھلندڙ سينٽر جي شاگردن ۽ نياڻين ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي پرائمري اسڪول محمد عارب سولنگي، سبزعلي بروھي، واحد ڏنو شوري سميت ٻين اسڪولن ۽ سينٽرن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف شعبن ۾ پنھنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاھرو ڪري 8 کان وڌيڪ ٽرافيون حاصل ڪري. موجود ماڻھن کان خوب داد حاصل ڪيو ان موقعي تعمير خلق فائونڊيشن جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ساجد خان، ايڊووڪيٽ زاھد ابڙو ۽ نگھت سلطانه خطاب ڪندي چيو ته تعمير خلق فائونڊيشن سيو دي چلڊرين جي سھڪار سان ٺٽي ضلعي ۾ نياڻين ۽ ڇوڪرن لاءِ 70 غير رسمي اسڪول کوليا آھن جنھن ۾ 2118 ٻار تعليم حاصل ڪري رھيا آھن جن کي 140 تعليمي ماھر استاد تعليم ڏئي رهيا آهن اسان جو مقصد جيڪي ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن انھن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايون جيئن ٺٽي جي تعليمي نظام ۾ بھتري آڻي سگھون تقريب کي ڊي اي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي ۽ ڊي اي او پرائمري محمد رحيم سومرو خطاب ڪندي چيو ته شاگردن جو جذبو اتساهه ڏيندڙ آھي ٺٽو پوئتي پيل علائقو آهي جتي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا ملي ڪري بھتري آڻي سگھون ٿا تقريب ۾ سوشل ويلفيئر جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر نياز احمد چيو ته سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ٺٽي جي تعليمي نظام ۾ بھتري ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ ھميشه سھڪاري رھندو تقريب ۾ نور سرائي ڊي اي او اسپورٽس، بشارت علي سينئر ھيڊماستر، فضل بلوچ فوڪل پرسن ايجوڪيشن، طارق ملڪاڻي، محمد رحيم سومرو ڊپٽي ڊي اي او پرائمري، مس پروين ڏپٽي ڊي اي او، محمد شفيق آرائين ڊپٽي ڊي او، غلام فاطمه تعلقه ايجوڪيشن آفيسر، نياز الدين سينئر ھيڊماستر، محمود ميمڻ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر آر ايس يو، عثمان آرائين ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، تھمينہ شاھ ھيڊماستر صوبيہ آرٽي پي، شعيب احمد آر ڊي ايف، رميز ميمڻ، نياز شر ۽ ٻين چيو تہ خوش حال سنڌ انھي صورت ۾ ٿي سگھي ٿي، جڏھن اڄ جو ٻار علم جي شعور سان اڳتي وڌندو اسان جي سماج ۾ تعليم کي عام ماڻھون اڃان تائين اھميت نہ پيو ڏئي، جنھن سبب معصوم گلن جھڙا ٻارڙا تعليم جي بنيادي حق کان محروم بڻجي رھيا آھن، جيڪو عمل قومي ڏوھ آھد، ھنن چيو تہ ھن وقت بہ ڪجھ سرڪاري اسڪولن جي ڳوٺاڻا مالڪي ڪري پنھنجي ٻچن لاء راھمور ڪري رھيا آھن، جڏھن تہ تقريب ۾ صلاحيتن جو مظاھرو ڪندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ مڊل، شيلڊ ۽ روڪ رقم انعام ۾ ڏنا ويا.