لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي کي جھٽڪو، انڙ ڀائر پ پ ۾ شامل ٿي ويا

عدنان الطاف ۽ عادل الطاف انڙ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿي ويا

لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي کي جھٽڪو، انڙ ڀائر پ پ ۾ شامل ٿي ويا

باقراڻي (رپورٽر) باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقي جي سياست ۾ تبديلي ، جي ڊي اي کي جهٽڪو ، اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم حاجي الطاف حسين انڙ جا فرزند عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ جي فريال ٽالپر سان ملاقات ، جي ڊي اي کي الوداع چئي پ پ ۾ شموليت ، انڙ ڀائرن جي پ پ ۾ شموليت سان ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي ۾ پ پ وڌيڪ مضبوط ، مبارڪون ڏيڻ لاءِ ڪارڪنن جو انڙ هائوس علي آباد ۾ رخ ، علي آباد جون رونقون هڪ دفعو ٻيهر بحال . خبر موجب : باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقي جي سياست ۾ وڏي تبديلي اچي وئي آهي ، اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم حاجي الطاف حسين انڙ جا فرزند ۽ جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف انڙ ، عدنان الطاف انڙ جي ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ ميڊم فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري جي ڊي اي کي هميشه لاءِ الوداع چئي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي ، ان موقعي تي اڳوڻو وزير اعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه ، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو ، ڊويزنل صدر اعجاز احمد جکراڻي ، اڳوڻو صوبائي وزير سهيل انور سيال پڻ موجود هئا ، ياد رهي ته گذريل 2018 وري عام چونڊن توڙي تازو بلدياتي چونڊن ۾ باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقي ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان پ پ کي ٽف ٽائيم ڏئي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون هيون ، سندن پ پ ۾ شموليت سان باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقي اندر پ پ وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي ڇو ته ٻنهي تعلقن ۾ انڙ خاندان جو ووٽ بينڪ پڻ موجود آهي ، انڙ ڀائرن جي پ پ ۾ شموليت جي خبر باھ جيان علائقي ۾ ڦهلجي وئي ، کين مبارڪون ڏيڻ لاءِ انڙ هائوس علي آباد ۾ ماڻهن جا ميلا مچي ويا ، مبارڪون ڏيڻ لاءِ ڪارڪنن انڙ هائوس علي آباد جو رخ ڪيو ، علي آباد جون رونقون هڪ دفعو ٻيهر بحال ٿي ويون ، هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي عادل الطاف انڙ چيو ته عوامي مفادن خاطر پ پ ۾ شموليت ڪئي آهي ، ڇو ته پ پ پ عوامي پارٽي آهي ملڪ ۽ قوم جي فلاح و بهبود لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ، انشاءَ الله پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان عوام جي خدمت جاري رهندي