ٺٽي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

باقراڻي واسڻ ثمينا لاشاري ۽ نارو واسي اوشاق لاشاري احتجاج ڪيو

ٺٽي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

ٺٽو(رپورٽ شفيق ڀٽي) لاڙڪاڻي جي تعلقه باقراڻي ڳوٺ وڌيو لاشاري جي رهواسڻ مسمات ثمينه ڌي حاجي محمد لاشاري پنهنجي چاهيندڙ خيرپور ميرس جي تعلقه نارو ڳوٺ جعمه خان لاشاري جي رهائشي نوجوان اوشاق علي ولد محمد بخش لاشاري سان ٺٽي جي عدالت ۾ 2 آڪٽومبر تي پسند جي شادي ڪري ڇڏي پسند شادي بعد جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ لڳو ناري ثمينه زال اوشاق علي لاشاري مڪلي تي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هنن پسند جي شادي ڪئي اهڙي پسند جي شادي ڪرڻ تي ناري جي وارثن نوجوان اوشاق علي لاشاري سميت سندس وارثن مٿان لاڙڪاڻي جي باقراڻي ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ تي ناري صحافين کي ٻڌايو ته هن جي مائٽن معشوق علي لاشاري زلفقار علي لاشاري مظهر لاشاري ۽ ٻيا هڪ وڏيري محمد حسن مشهوري جي مدد سان هنن خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو آهي ناري مسمات ثمينه زال اوشاق لاشاري وڌيڪ چيو ته مون پنهنجي مرضي رضا خوشي سان پنهنجي پسند جي شادي ڪئي آهي هن پنهنجي وارثن جي فرياد تي داخل ڪيل اغوا واري ڪيس کي رد ڪندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي ٺٽو ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ٻين اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته فوري تحفظ ڏنو وڃي داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ساڻن انصاف خوش حال زندگي جئيڻ جو حق ڏنو وڃي