شڪارپور پوليس جون مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون، 10 ڏوھاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

امن امان جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آھي: ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي

شڪارپور پوليس جون مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون، 10 ڏوھاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

شڪارپور ( احسان ابڙو )شڪارپور پوليس جون ڪامياب ڪارروايون سنگين ڏوهن ۾ گهربل 10 جوابدار گرفتار. ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفي ڪورائي جي طرفان جاري ڪيل حڪمن تي عمل ڪندي شڪارپور پوليس ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون. ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي جو چوڻ آھي تھ گرفتار جوابدار جوا ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن ۾ گهربل آهن. ايس ايڇ او لکيدر نعيم اختر ابڙو اسٽاف سميت گشت دوران انڙ ڪالوني جي ويجهو ڪامياب ڪاروائي جي دوران پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ گهربل 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايڇ او خانپور علي حسن مغيري گشت دوران مختلف هنڌن تي ڇاپا مار ڪاروائين جي دوران جوا جي ڪيس ۾ گهربل 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار گهربل جوابدار پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ شهزور ولد اسد علي, سجاد علي ولد محبوب, دلاور ولد خورشيد, صادق ولد امداد, محمد حنيف ولد صدرالدين, ۽ جوا جي ڪيس ۾ ابرار ولد نثار, رياض ولد گلزار, منور ولد ڌڻي بخش, بلاول ولد سيفل سراج ولد امان الله شامل آهن.