ڀٽ شاهه: اسڪول جي زبون حال عمارت جا چاپڙ ڪِرڻ سبب شاگرد زخمي

سيد حسين شاهه پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار

ڀٽ شاهه: اسڪول جي زبون حال عمارت جا چاپڙ ڪِرڻ سبب شاگرد زخمي

ڀٽ شاهه ۾ سيد حسين شاهه پرائمري اسڪول جي زبون حال عمارت جا چاپڙ ڪِرڻ سبب هڪ شاگرد زخمي ٿي پيو، ڇت جا چاپڙ ڪِرڻ سبب پهرين درجي جو شاگرد ذوهيب جاگيراڻي زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، شاگردن جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت زبون حال ٿي وئي آهي، چاپڙ ڪِرڻ روز جو معمول بڻيل آهي