English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ايس ٽي پي پاران شھداءِ سنڌ جلوس منعقد، گلزار سومرو، حميدھ گھانگھرو ۽ ٻيا شريڪ
21 views
|
29th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي عزت، آجپي، خوشحالي ۽ بقا خاطر ويڙهه ڪندي شهادت جو جام پيئندڙ سڀ اسان جا شهيد ۽ هيرو آهن: اڳواڻ
ملير (ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ملير پريس ڪلب آڏو يوم شهداءَ سنڌ جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مرڪزي وائيس چيئرمين گلزار سومرو، حميده گهانگهرو، ماما رحيم بلوچ، حيات تنيو، شبير چانڊيو، نصرت سومرو، نادر مگسي سميت ٻين اڳواڻن جي شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي مرڪزي وائيس چيئرمين گلزار سومرو چيو ته مادر وطن سنڌ جي عزت، آجپي، خوشحالي ۽ بقا خاطر ويڙهه ڪندي جن به شهيدن شهادت جو جام پيتو آهي اهي سمورا اسان جا شهيد ۽ هيرو آهن جن کي ياد ڪرڻ لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي هر سال يوم شهداءَ ڏهاڙو ملهائي کين خراج تحسين پيش ڪندي آهي هن چيو ته سنڌ هن وقت ڏکي دور مان گذري رهي آهي جنهن لاءِ ٻڌي جي ضرورت آهي هن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ ڦرلٽ جو راڄ قائم ڪري سنڌ کي تباهه ڪيو آهي اڃا به وڌيڪ تباهي لاءِ سانباها ڪري رهيا آهن هن چيو ته هن ملڪ ۾ سنڌي قوم ان آس تي شامل ٿي هئي ته اسان کي پنهنجا حق ملندا پر ملڪ جي ٺهڻ سان حق ملڻ ته پري جي ڳالهه رهي پر سنڌ جي وسيلن تي قبضن جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ڌرتي ڌڻين سان ٻه اکيائي وارو سلوڪ روا رکيو ويو سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا ويا هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪير حق جي ڳالهه ڪري پيو ته انهن لاءِ جيلن جا در کوليا پيا وڃن يا انهن کي شهادتون نصيب ٿيون اهڙي طرح مادر وطن جي حقن جي حاصلات لاءِ قربانيون ڏيندڙن جي وڏي لسٽ آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي سرواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت ۾ پنهنجي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري رهي آهي هن چيو ته اسرائيل پاران فلسطين مٿان ٿيل حملي ۽ دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اسرائيل هزارين فلسطينين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جي قتل ۾ ملوث ۽ عالمي دهشت گرد آهي اسرائيل جي اهڙي عمل سان دنيا اندر دهشتگردي کي هٿي ملندي. تقريب ۾ حميده گهانگهرو، ماما رحيم بلوچ، حيات تنيو، شبير چانڊيو، نصرت سومرو، نادر مگسي، صدا بليدي، گل ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
بدمعاشی کی صورت میں گورنر راج ممکن ہے - فیصل واوڈا کا سہیل آفریدی کو جواب
01st Dec 2025
•
سندھ
سماجی رہنما سید امتیاز الحق بخاری کی جانب سے حسیب جمالی کو کراچی ہائی کورٹ بار ایسوسی ایشن کا صدر منتخب ہونے پر شاندار مبارک باد
01st Dec 2025
•
سندھ
ملک میں پھیپڑوں کے بڑھتے ہوئے امراض انتہائی تشویش ناک ہے ڈاکٹر شکیل احمد صدیقی
01st Dec 2025
•
پاکستان
لائٹ ڈیزل اور مٹی کے تیل کی قیمتوں میں کمی کا اعلان
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ وٽ پرامن جدوجھد جي ڊگھي تاريخ آھي، ھاڻ بہ لکين ماڻھن سان رستن تي اچي سنڌ دشمن فيصلا ناڪام بڻائينداسين: اياز لطيف پليجو
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ليبر کاتي جي نئين ڊي جي نذير احمد سومرو جي ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر سميت ٻين ريجن جي ريجنل ۽ جوائنٽ ڊائريڪٽرن سان تعارفي ملاقات
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
بدمعاشی کی صورت میں گورنر راج ممکن ہے - فیصل واوڈا کا سہیل آفریدی کو جواب
01st Dec 2025
•
سندھ
سماجی رہنما سید امتیاز الحق بخاری کی جانب سے حسیب جمالی کو کراچی ہائی کورٹ بار ایسوسی ایشن کا صدر منتخب ہونے پر شاندار مبارک باد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
سنڌ ترقي پسند پارٽي
ملير پريس ڪلب
يوم شهداءَ سنڌ جلسو
0 تبصرے