ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي کي غضب ڪيو ويٺو آهي: محمد حسين محنتي

پاڪستان سميت عالمي طاقتون ۽ دنيا جا ملڪ ڪشميري عوام کي آزادي ۽ ڀارتي ظلم کان نجات ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن

ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي کي غضب ڪيو ويٺو آهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ڀارت ڪشمير ماٿري تي گذريل 76سالن کان قبضو ڪري ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا جبل ڪيرائي جنت جهڙي ماٿري کي جهنم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ڪشمير ۾ انساني حقن جي شديد خلاف ورزين تي عالمي ضمير نوٽيس ۽ گڏيل قومون پنهنجي منظور ڪيل قراردادن تي عمل ڪري ڪشميري عوام کي حقِ خودمختياري ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، صوبائي امير يومِ سياه واري ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو عوام، حڪومت پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري هر سال 27 آڪٽوبر جي ڏينهن کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن ڇو ته انهي ڏينهن تي 1947ع ۾ ڀارتي فوج ڪشمير ۾ پنهنجي قابض فوج لاٿي ۽ ماٿري تي غير قانوني قبضو ڪيو جيڪو اڃان تائين جاري آهي، ان ڏينهن کان وٺي انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ڪشميري عوام کي بنيادي انساني حقن کان به محروم ڪيو ويو، ڀارت 05 آگسٽ2019ع کان ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي سان نئين ظلم جو سلسلو شروع ڪيو، غير قانوني قبضو ۽ ظلم سلامتي ڪونسل جي قراردادن ۽ جينواڪنونشن جي خلاف ورزي آهي. اڄ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ ڪشميري عوام سرحد جي ٻنهي پاسي “ يومِ سياه” جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، 76 سالن کان ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميري عوام جي آزادي کي سلب ڪيو ويٺو آهي.ڀارتي فوج ڪشمير ۾ اڍائي لک شهرين کي شهيد، 07 هزار کان وڌيڪ عدالتن کان مٿاهان قتل ڪري چڪي جڏهن ته هڪ لک ٻار يتيم، 11 هزار عورتن جي عزتن سان کلواڙ۽ 16 لک ڪشميرين کي گرفتار ڪري چڪي آهي،2019ع کان هن وقت تائين ڪشمير ماٿري ۾ انٽرنيٽ بند آهي. گڏيل قومون ولاريل ڪشمير جي حوالي سان 05 قراردادون پاس ڪري چڪيون آهن جن تي هن مهل تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. انساني حقن واري اداري هيومين رائٽس واچ رپورٽ جاري ڪئي آهي ته ولاريل ڪشمير ۾ معصوم شهرين جي قتل عام ۾ بي جي پي ملوث آهي. اقوام متحده ڪشميري عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو هاڻي پاڪستان سميت عالمي طاقتن ۽ دنيا جي ملڪن کي گهرجي ته هوءَ ڪشميري عوام کي آزادي ۽ ڀارتي ظلم کان نجات ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.