ٺٽو: لوڻي ڪوٽ جو پرائمري اسڪول ٻن مھينن کان بند پيل

اسڪول بند ھجڻ ڪري ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي ويا، تعليم کاتو ننڊ مان نھ جاڳيو

ٺٽو: لوڻي ڪوٽ جو پرائمري اسڪول ٻن مھينن کان بند پيل

ٺٽو(ڊر) تعلقي ٺٽي جي يوسي جھمپير، يوسي، ڄنگھڙي، يوسي لوڻي ڪوٽ ۾ وڏي تعداد ۾ پرائمري اسڪول بند ھجڻ سان گڏ يوسي لوڻي ڪوٽ ۾ قائم واحد گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول لوڻي ڪوٽ بہ گذريل ٻن مھينن کان بند ھجڻ ڪري لوڻي ڪوٽ، ڄنگھڙي ۽ ان جي اسپاس جا ڪيترائي شاگرد تعليم کان محروم بڻجي ويا، پر تعليم کاتي جي عملدارن ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، جنھن ڪري ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي اھي، بئي طرف شاگردن جي والدين ڊي او سيڪنڊري ٺٽو، ڊائريڪٽر سيڪنڊري حيدآباد، ڊي سي ٺٽو سميت تعليم کاتي جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تہ بند ٿيل مڊل اسڪول لوڻي ڪوٽ کي کولرائي سندن ٻارڙن کي تعليم ڏياري سندن مستقبل سنوارڻ سان گڏ بند ٿيل پرائمري اسڪول بہ کولرائي ترديسي عمل جاري ڪرائي زبون حال اسڪولن جي بلڊنگس جي مرمت ڪرائي اسڪولن ۾ فرنيچر سميت سرڪاري ڪتاب مھيا ڪري شاگردن کي گھربل سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن.