English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ اوطاق مان مھمان جو گولي لڳل لاش ھٿ، وارثن جو ڌرڻو
11 views
|
22nd Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڪڙي عطا محمد محلي واسي عبدالسميع ڀٽو جو علي ڪلوڙ جي اوطاق تان گولي لڳل لاش مليو
شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور جي اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ۾ ڪڙي عطا محمد محلي جي رھواسي . عمنوجوان عبدالسميع ڀٽو جو گولي لڳل لاش سندس ئي محلي جي رھواسي علي ڪلوڙ جي اوطاق تان وارثن کي ھٿ آيو . ٿاڻي اسٽور گنج پوليس پاران مقتول نوجوان عبدالسميع ڀٽو جي وارثن کان فرياد نه وٺڻ ۽ ايف . آئي . آر. درج نه ڪرڻ تي وارثن طرفان بٽا يوٿ اڳواڻن. نياز علي بھٽو ۽ شاھين خان ڀٽو جي اڳواڻيء ۾ لاتعداد بھٽا برادري جي نوجوانن تاج پيٽرول پمپ لڳ باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻندي ٽائرن کي باہ ڏئي . روڊ بلاڪ ڪندي سخت احتجاج ڪيو . ۽ خطاب ڪندي چيو ته . شڪارپور پوليس ناھليء ڪندي سندن جي بيگناھ قتل ڪيل نوجوان عبدالسميع ڀٽو جي وارثن کان ڪيس داخل نه ڪرڻ تي ھنن ھي احتجاج ڪيو آھي . ھنن چيو ته نگران حڪومت کي مقامي شڪارپور پوليس آفيسر ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن . ايس . ايس . پي . شڪارپور جي عدم توجه جي نتيجي ۾ بدامني وڌي رھي آھي . اسانجي نوجوان کي سازش ڪري اوطاق تي گھرائي کيس گولي ھڻي قتل ڪيو آھي ۽ پوليس قاتلن کي بچائڻ جي لاء اسانجي ايف . آئي . آر . درج ڪون ڪري رھي آھي . واضع رھي تہ روڊ بند ٿيڻ جي ڪري ٽريفڪ بند رھڻ تي باء پاس تي لاتعداد گاڏيون بيھي ويون . آخر ۾ ڊي. ايس . پي . شڪارپور يار محمد رند ۽ اسٽور گنج ٿاڻي جي ايس . ايڇ . او . ذوالفقار علي منگي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ڀٽا برادري کي ايف . آئي . آر . ڪٽڻ جو يقين ڏياريڻ کانپوء ڌرڻو ختم ڪيو ويو پوليس ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي مقتول نوجوان کي مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
15th Dec 2025
•
تازہ ترین
وزارت کو جوتے کی نوک پر رکھتا ہوں، کراچی چلے گا تو پاکستان چلے گا: مصطفیٰ کمال
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
اسٽور گنج ٿاڻي
0 تبصرے