اسرائيل فلسطين ۾ بيگناهه ماڻهو شهيد ڪري رهيو آهي: رمضان بليدي

ڪراچي ۾ ايس اين پي پاران فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف ريلي

اسرائيل فلسطين ۾ بيگناهه ماڻهو شهيد ڪري رهيو آهي: رمضان بليدي

گڏاپ (رپورٽر)فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف سنڌ نيشنل پارٽي پاران ايس اين پي ھائوس کان بسم الله چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي، جنھن جي اڳواڻي سنڌ نيشنل پارٽي جي قائم مقام چئيرمين رمضان بليدي نياز بليدي ضمير چانڊيو ڊي ايم خاصخيلي سردار لغاري راشد ڏيپر رياض بليدي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي رمضان بليدي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون. اسرائيل فلسطين ۾ بيگناهه ماڻهو شهيد ڪري رهيو آهي، فلسطين تي ٿيندڙ ظلمن تي دنيا خاص طور اسلامي ملڪن جي خاموشي مذمت جوڳو عمل آهي، ھن وڌيڪ چيو ته اسرائيل فلسطينين مٿان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. عالمي ادارن کي گهرجي ته فلسطينين کي انهن جو حق ڏيارن. هنن چيو ته قبله اول جي بي حرمتي ۽ مظلوم فلسطينين جو قتل عام بند ڪيو وڃي، اهڙو ظلم تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو جهڙو فلسطينين تي اسرائيل پاران ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مظلوم ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو پيو. ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن عالمي برادري ۽ اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ته اسرائيلي جارحيت فوتي طور بند ڪئي وڃي.