English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، اديب ۽ قومي فنڪارا جيجي زرينا بلوچ کي وڇڙئي 18سال وھامي ويا
58 views
|
25th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران جيجي زرينا بلوچ جي ورسي تي مختلف شھرن ۾ تقريبون منعقد
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، اديب، استاد ۽ قومي فنڪاره مادر سنڌ جيجي زرينہ بلوچ جي 18ھين ورسي جي موقعي تي ڪراچي، ٺٽو، ڪوٽڙي، بدين، مويا، ميرواھ گورچاڻي، مٺي، شھدادپور، ڪوٽڙي، واھي پانڌي، نصيرآباد، لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ٺل، ڏھرڪي، جروار، مورو، ڄام نواز علي، مٽياري، چمبڙ، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي جي ڳوٺ ۽ ٻين شھرن ۾ ورسي تقريبون ڪري جيجي زرينه بلوچ جي ورسي ملھائي وئي. جڏهن تہ حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، الطاف خاصخيلي، خادم سمون، غلام نبي سومرو، شوڪت تنيو، نصرت خاصخيلي، نذيرہ قريشي، نطير بليدي، بابو ميمڻ، عليش خاصخيلي، ماريا مڱريو ۽ ٻين قاسم آباد جيجي زرينه بلوچ جي مزار تي پھچي اجرڪ ۽ گلن جي چادر چاڙھي قومي گيتن سان سلام پيش ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي. اياز لطيف پليجي جيجي زرينہ بلوچ جي 18 ھين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ گيتن ذريعي مزاحمت ڪئي. ھن ون يونٽ ۽ آمريت خلاف جدوجھد ڪئي، جنرل پرويز مشرف جي آمريت ۾ ڪالاباغ ڊيم، پاڻي، سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن لاءِ عورتن ۽ لکين عوام سان گڏجي لانگ مارچون ڪيون.اياز لطيف پليجي چيو تہ جيجي زرينا بلوچ سنڌ جي لکين نوجوانن جي جيجي سنڌ جي لکين انھن ٻارڙن جي ماء، جيڪي ان وقت شايد تنجڻن يا جھولن ۾ ھئا، جڏھن جيجي ڳائيندي ھئي منھنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مان پاڻي تي ٿي وڃان. انھن سڀني ٻارڙن جي ماء، سنڌ جي انقلابي،قومي ۽ طبقاتي جدوجھد سان سلھاڙيل، ان سان موتين وانگر پويل آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ جيجي زرينا بلوچ ڪنٽيونٽي ھئي، تسلسل ھئي، انھن ام ڪلثومن جي، وڪٽر ھارائن جي،انھن ماڻھن جي جيڪي رڳو گيت ڪونه ڳائيندا ھئا، جيڪي ميدان ۾ جڏھن بہ سڏ ٿيندو ھو، جڏھن بہ سنڌ تي مشڪل گھڙي آئي, ان وقت فنڪار کان جنھن وقت توقع فن جي ھجي، اوڏي مھل فنڪار ڀلي پينٽنگس ٺاھي، گيت لکي، ڌنون ٺاھي، ڪھاڻيون لکي، افسانا لکي پر جيڏي مھل قوم حالت جنگ ۾ ھجي، ان وقت فنڪار گھر ۾ ويھي پئنٽنگ ويٺو ڪري ۽ ويٺو نظم لکي نہ، اوڏي مھل ميدان ۾ اچڻو آھي, تنھن جي ڪري سنڌ تي جڏھن بہ اھڙو ڪو وقت آيو, جڏھن بہ مشڪل گھڙي آئي, ان وقت جيجي ھر ميدان ۾ پنھنجو پاڻ کي اچي ارپيندي ھئي, کيس پڪڙي ڪونه آندو ويندو ھو, جيجي پاڻ ٻين کي سڏيندي ھئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ جي اصل سڃاڻپ صرف ادب، فن، فيملي، ٽيچنگ، گيت، شاعري ۽ ڪتاب نہ بلڪ مزاحمت، مقابلا ۽ جدوجھد جا ميدان ھئي، جيجي زرينہ بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد ابراھيم جويو سميت سنڌ جي اديبن، شاعرن، وڪيلن، استادن، ھارين، مزدورن، شاگردن، سنڌياڻين ۽ لکين عوام سان گڏجي ون يونٽ خلاف جلوسن جي قيادت ڪئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ امان زرينہ بلوچ سراپا قرباني، سراپا درد، سراپا احتجاج ھئي. ھن پنھنجي حياتي، پنھنجو وقت، پنھنجو گھر، پنھنجو فن، پنھنجو ادب، پنھنجو اولاد، پنھنجا پئسا، پنھنجا ڪتاب، پنھنجا گيت، سڀ قوم کي ارپي ڇڏيا تہ وٺ اي امڙ سنڌ، آئون اھو سڀ ڪجھ تنھنجي بقا ۽ تنھنجي جدوجھد جي ميدانن لاءِ توکي پيش ٿي ڪيان. ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ جا گيت، ان جي تعليم ۽ ان جو ذريعي جا شاگرد اڄ جي آمريت خلاف ويڙھ ڪري رھيا آھن ۽ سڄي سنڌ کي جاڳائي رھيا آھن. سنڌ کي جيجي زرينہ بلوچ جھڙين مائرن جي ضرورت آھي، جيڪي آمريت، ظلم، خراب حڪمراني خلاف ھر وقت جدوجھد جي ميدان تي رھيون. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ قومي گيتن ذريعي مزاحمت ڪئي، ھن ون يونٽ ۽ آمريت خلاف جدوجھد ڪئي، جنرل پرويز مشرف جي آمريت ۾ ڪالاباغ ڊيم، پاڻي، سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن لاءِ عورتن ۽ لکين عوام سان گڏجي لانگ مارچون ڪيون. الطاف خاصخيلي چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ جا قومي گيت، ان جي تعليم ۽ ان جو ذريعي جا شاگرد اڄ جي آمريت خلاف ويڙھ ڪري رھيا آھن ۽ سڄي سنڌ کي جاڳائي رھيا آھن. جيجي زرينہ اياز لطيف پليجو جي صورت ۾ سنڌ کي اھڙو پٽ ڏنو آھي، جيڪو سنڌ جو آواز بنجي ويو آھي.اشرف پليجي چيو تہ سنڌ کي جيجي زرينہ بلوچ جھڙين مائرن جي ضرورت آھي، جيڪي آمريت، ظلم، خراب حڪمراني خلاف ھر وقت جدوجھد جي ميدان تي رھيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
سنڌياڻي تحريڪ
جيجي زرينا بلوچ
0 تبصرے