English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ پوليو جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آگاھي ريلي ڪڍي وئي
169 views
|
24th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي ايچ او ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ ٽائون ڊسپينسري کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) پوليو جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ گورنمينٽ ٽائون ڊسپينسري کان پريس ڪلب ٺٽو تائين آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا جن تي پوليو بابت آگاهي جا پيغام لکيل هئا. ريلي کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه چيو ته پوليو جي روڪٿام بابت آگاهي پکيڙڻ ۾ پوليو ورڪرن جون خدمتون ۽ ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته قوم جي ٻارڙن کي پوليو جهڙي موذي مرض کان بچائڻ ۽ کين مستقل معذوري کان بچائڻ لاءِ پنجن سالن تائين جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ٻه ڦڙا ضرور پيارڻ گهرجن. هن چيو ته گذريل پوليو مهم دوران ٻين لاڳاپيل ادارن سميت صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ۽ پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد سبب مقرر هدف حاصل ڪري 100 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي وئي. ان موقعي تي ضلعي فوڪل پرسن اي پي آءِ ڊاڪٽر نذير احمد خواجہ، اين اسٽاپ جي ڊاڪٽر راجيش ڪُمار، ضلعي مئنيجر يونيسيف اعجاز احمد جاکرو، مرف جي ڊاڪٽر دائود هيلايو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان علاوه گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مڪلي ۽ پي پي ايڇ آءِ آفيس ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان الگ الگ آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ شاگردن ۾ پوليو جي موذي مرض کان بچاءُ بابت آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪيو ويو. بعد ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ۾ پوليو مهم دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڊاڪٽرن ۽ پوليو ورڪرز ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
پوليو
عالمي ڏينهن
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر
0 تبصرے