مٺي ۾ شماريات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار منعقد، ڪمشنر ۽ ٻيا شريڪ

اسٽيسٽڪس جو اهم رول آھي شاگردن کي به انهي ۾ شامل ڪري انهن کي انگ اکر بابت آگاهه ڪيو وڃي:؛ مقرر

مٺي ۾ شماريات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار منعقد، ڪمشنر ۽ ٻيا شريڪ

مٺي( رپورٽر) مٺي ۾ شماريات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڪمشنر ميرپورخاص فيصل عقيلي، ڊائريڪٽر شماريات سنڌ ڊاڪٽر سسحاق انصاري، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي، نصير الدين ، نوراحمد جنجهي سميت مختلف آفيسرن سياسي سماجي اڳواڻن سميت شاگردن شرڪت ڪئي انهي موقعي تي ڳالهائيندي ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي چيو ته اسٽيسٽڪس جو اهم رول آھي شاگردن کي به انهي ۾ شامل ڪري انهن کي انگ اکر بابت آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن اهي به سمورن شين کي سمجهي سگهن ۽ اهي بهتر طور ڄاڻ حاصل ڪن ۽ انهي مان سمجهڻ کپي ته اسان انهي کي پنهنجي علائقي جي لاءِ ڪيئن بهتر بنائي سگهجي ٿو. ڊائريڪٽر جنرل شماريات سنڌ ڊاڪٽر اسحاق انصاري چيو ته اسان جو مقصد هتان جي شاگردن نوجوانن سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن کي آگاهه ڪرڻ آھي بيورو آف اسٽيسٽڪس وٽ تمام ڊيٽا موجود آھي اهڙي ريت مختلف آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويندا.پرنسپال ٿر انسٽيٽوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر نصيرالدين شيخ چيو ته شماريات جو ريسرچ ۾ اهم ڪردار آھي جڏھن اسان وٽ ڊيٽا موجود هوندي تڏھن ئي بهتر طريقي اسان ڪو ريسرچ ڪري سگهون ٿا تعليم حاصل ڪندڙن کي ڊيٽا نٿي ملي انهي ڪري اهي پريشان جو شڪار ٿين ٿا شماريات جي اهميت هڪ ريسرچر ئي بهتر ڄاڻي سگهي ٿو انهي سان ريسرچ ڪري پنهنجي انڊسٽري کي ڏين ته انهن جو انگ اکر ڇا آھي ۽ اهي ڪيئن پنهنجو پلان ٺاهي سگهن ٿا اسان کي گهرجي ته انهي جو ڀرپور فائدو وٺن ۽ متعلقه کاتن کي آگاهه ڪن. پروفيسر نوراحمد جنجهي چيو ته ڊيٽا هن وقت اهم ڪردار آھي جيڪڏھن اڄ بهتر ڊاڪيومينٽس ٿين انهي ۾ ڊيٽا استعمال ٿئي ٿي جيڪڏھن ڪير ڪو تحقيقي ڪم ڪري رهيو آھي ته انهي کي انهي کاتي مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي بيورو آف اسٽيسٽڪس ڳڻپ ۾ پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪري رهيو آھي