English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم پاران ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙا گھٽائڻ جي ھدايت
views
|
23rd Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڊيزل ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جي ڪري ڀاڙن ۾ گھٽتائي آندي وڃي: محمد ارسلان سليم
نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم ضلعي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ مالڪن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي فوري طور تي ڊيزل ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري ڀاڙا گهٽائين، ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن سمورن ٽرانسپورٽرن کي چيو ته فوري طور تي پبلڪ ٽرانسپورٽ مان سي اين جي ۽ ايل پي جي سلينڊر هٽايا وڃن ٻي صورت ۾ انهن خلاف ڪارروائي ڪري گاڏيون بند ڪيون وينديون. هو اڄ پنهنجي آفيس ۾ سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ ٽرانسپورٽرن جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ڊي ايس پي موٽر وي پوليس قمر زمان کوسو، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٽريفڪ سارجنٽ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو آهي، اهو رليف ڀاڙن ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ عام مسافرن تائين پهچڻ گهرجي. هن سمورن ٽرانسپورٽ مالڪن کي هدايت ڪئي ته ڀاڙن جي لسٽ ٽرانسپورٽ جي اڏن ۽ گاڏين ۾ نمايان جاءِ تي لڳائين. سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڀاڙا چيڪ ڪندا ۽ وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته سمورن پبلڪ ٽرانسپورٽ مان سي اين جي ۽ ايل پي جي سلينڊر فوري طور تي هٽايا وڃن، هن سمورن ٽرانسپورٽرن کي هدايت ڪئي ته هو سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي آفيس کان فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ روٽ پرمٽ حاصل ڪن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪن انھن جي خلاف روزاني جي بنياد تي ڪاروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Aug 2025
•
سندھ
عہد کریں ،علم کی روشنی کو عام کرینگے، سید امتیاز الحق بخاری
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
لودھراں عوام ایکسپریس کو حادثہ، ایک مسافر جاں بحق، 20 سے زائد زخمی۔
18th Aug 2025
•
سندھ
عہد کریں ،علم کی روشنی کو عام کرینگے، سید امتیاز الحق بخاری
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان رند واسڻ ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
ڊپٽي ڪمشنر
ارسلان سليم
پبلڪ ٽرانسپورٽ
ن ٽرانسپورٽرن
0 تبصرے