English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪمند جو اگھ 600 روپيا مڻ مقرر ڪري جلد شگر ملون چالون ڪيون وڃن: اياز لطيف پليجو
74 views
|
20th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڪمند جي ھر شئي ڪارائتي آھي پر آبادگارن کي ملندڙ کنڊ جي حساب سان بہ پئسا نٿا ڏنا وڃن
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ڪمند جو اگھ 600 روپيا مڻ مقرر ڪري جلد شگر ملون چالون ڪيون وڃن۔ حڪومت جو مقرر ڪيل اگھ 425 روپيا آبادگارن ۽ ھارين کي قبول ناھي۔ فصلن تي وڏا خرچ ٿين ٿا۔ ان حساب سان آبادگارن کي فيصلن جي قيمت نٿي ڏني وڃي۔ جنھنڪري زراعت بدحالي جو شڪار آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪمند جي ھر شئي ڪارائتي آھي پر آبادگارن کي ملندڙ کنڊ جي حساب سان بہ پئسا نٿا ڏنا وڃن۔ ڪمند سميت جيڪو بہ فصل لھي ٿو، ڪڻڪ، ڦٽيون، ساريون ۽ ٻيا فصل لھن ٿا تہ انھن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي جنهن سان آبادگارن ۽ ھارين کي تمام وڏو نقصان ٿيو آهي جنھن سان غربت ۾ وڏو اضافو ٿيو آھي، زراعت سنڌ جي معيشت آھي، ان کي لولو ۽ لنگڙو بنائي عوام کي بدحال بنايو ويو آھي، نقلي ٻج، ڀاڻي، نقلي زرعي دوائن ۽ پاڻي کوٽ جي ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ٿيو آھي۔ انھي نقصان جي تلافي ٿيڻ گھرجي. ٽريڪٽر، زرعي مشينري سستيون ڪيون وڃن آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض ڏنو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ 40 لک افغانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين جا شناختي ڪارڊ ٺاھڻ ۾ ملوث نادرا عملي ۽ آفيسرن کي برطرف ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ نشاندھي ڪيل لکين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور واپس موڪليو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ جيڪو بہ غير قانوني پرڏيھي اچي ٿو ان جي آخري منزل ڪراچي آھي، جنھن سان سنڌي ماڻھو اقليت ۾ تبديل ٿي رھيا آھن۔ غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي وسيلن، روزگار تي بار آھن ۽ امن امان لاء وڏو خطرو آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بحريا ٽائون انتظاميه جي ڪارروائي، فليٽن آڏو گذرندڙ ٻڪرين کي پڪڙي ورتو
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير جون چونڊون، سيد سجاد علي شاھ صدر چونڊجي ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے