سجاول جي ننڍن وڏن شھرن ۾ اسرائيلي ظلم ۽ بربريت خلاف احتجاجي مظاھرا

اسرائيلي بمباري سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت ھزارين فلسطيني شھيد ٿي ويا آھن:اڳواڻ

سجاول جي ننڍن وڏن شھرن ۾ اسرائيلي ظلم ۽ بربريت خلاف احتجاجي مظاھرا

سجاول (گلشيرميربحر)اسرائيل جي بربريت ۽ ظلم خلاف سجاول جي مختلف شھرن ۾ فلسطينين سان اظهار يڪجهتي جي لاء سجاول جي ننڍن وڏن شھرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون آھن، سجاول ضلعي جي شھر جاتي ، شاھ بندر ، ميرپور بٺورو سميت سجاول ۾ ،جي يو آئي.سني تحريڪ ، انجمنِ پاسبان ، وحدت المسلمين ۽ متحده قومي موومينٽ پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون ، ريلين ۾ مظاهرين اسرائيل جي بربريت ۽ جارحيت خلاف شديد نعريبازي ڪئي . ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ ھو ته فلسطيني مسلمانن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ، اسرائيل انساني حقن جي کلي عام خلاف ورزي ڪئي وئي ،معصوم ٻارڙن کي شھيد ڪيو پيو وڃي ، اسپتالن تي به بم باري ڪئي پئي وڇي. سڀئي مسلمان ملڪ ھڪ ٿي فلسطيني مسلمانن جو ساٿ ڏين ،