English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ شھيد شيراز باڊي بلڊنگ ۽ ويٽ لفٽنگ جم ڪلب جو افتتاح
123 views
|
20th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
گذريل برساتن ۾ باڊي بلڊنگ ڪلب زبون حال ٿي وئي ھئي، 5 لک امداد جو اعلان ڪريان ٿو: امتياز شيخ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شھيد شيراز باڊي بلڊنگ ۽ ويٽ لفٽنگ جم ڪلب جو افتتاح ، اڳوڻي صوبائي وزير توانائي محترم امتياز شيخ صاحب پاران افتتاح ڪيو ويو، ڪلب جي استاد عبدالوهاب ڪاغذي آيل مھمانن کي ٽوپي اجرڪ ۽ گلن جا تحفا ڏنا. استاد عبدالوهاب ڪاغذي چيو ته اسپورٽس جي ڪري سان اسان جا نوجوان منشيات ۽ مختلف براين کان بچي سگھندا،خبر موجب: شڪارپور جي مشھور جم ڪلب شھيد شيراز باڊي بلڊنگ ۽ ويٽ لفٽنگ ھيلٿ ڪلب جي نئين سر تعمير ٿيل بلڊنگ جو افتتاح ڪيو ويو، جنھن جو افتتاح اڳوڻي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ صاحب ڪيو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته گذريل بارشن ۾ باڊي بلڊنگ ڪلب زبون ٿي وئي ھئي، جنھن جي نئين سر تعمير ڪرائي وئي آھي، جنھن جو ٻيھر افتتاح ڪيو آھي، ھن چيو ته ڪلب لاءِ مون ھنن کي پنجن لکن ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو جنھن مان ھي سامان خريد ڪندا، وڌيڪ سامان جي ڊٽيل اسان کي ڏين ته ڪلب لاءِ اھو سامان مھيا ڪيو ويندو، ھي اسان جو فرض آهي ته اسين نوجوانن جي صحت لاءِ قدم کڻون، مان پاڻ اسپورٽس جي ٿيندڙ پروگرامن ۾ خوشيءَ سان شرڪت ڪندو آھيان، ھن چيو تہ اسان جي سوسائٽي ۾ اسپورٽس ھڪ اھم حيثيت رکي ٿي، اسان جو فرض آهي ته اسان ھن کي ھٿي ڏئي اڳتي وڌايون، ھن چيو ته اسپورٽس جي ڪمن سان اسان جا نوجوان منشيات کان بچي سگھندا، ھن چيو ته شھيد الطاف خان ڀيو ڪرڪيٽ گرائونڊ مون منظور ڪرايو ھو جنھن جو ڪم ھلندو، ملٽي پلپز حال جو ڪم ھلي پيو، جيڪا نوجوانن لاءِ ڪلب آھي ، جنھن ۾ نوجوانن کي ميمبرشپ ڏني ويندي، ھن چيو ته اچڻ واري وقت ۾ ھاء اسڪول نمبر ٽو پويان گرائونڊ زبون حال آھي، ان کي به بھتر ڪيو ويندو، جنھن مان به نوجوان اسپورٽس جو فائدو وٺي سگھندا، ھن چيو ته شھر ۾ جيڪي ڪم اسان ڪرايا آھن اھي عوام جي سامھون آھن، اڳتي به ڪوششون جاري رھنديون، افتتاحي تقريب ۾ شھيد شيراز جم باڊي بلڊنگ ۽ ويٽ لفٽنگ ھيلٿ ڪلب جي ڪوچ استاد عبدالوهاب ڪاغذي، ٽي.اي.او امجد علي شيخ ميونسپل ڪميٽي جي وائيس چيئرمن وسيم صديقي، زبير ميمڻ، اعجاز کوکر، اي ڪي لاشاري، ڀائو نعيم سومرو، ميان ظفر علي علوي، ڊاڪٽر جھانگير شيخ، ڊاڪٽر حفيظ الرحمان بروھي، شفيق احمد شيخ، ھدايت الله مھر، افضل مغل، حافظ مصعود قادري، فضل الله نوراني، اسدالله سومرو، پرڪاش لال، اعجاز ڪاڪيپوٽو، احسان جيھو، عبدالفتاح مھر، طارق محمود دائودپوٽو، ظھور ڦلپوٽو، ڏاڏو طاھر سومرو، عاشق بھراڻي، امجد جلباڻي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻھن، اسپورٽس تنظيمن جي عھديدارن توڙي صحافين شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
امتياز شيخ
شڪارپور
باڊي بلڊنگ
0 تبصرے