English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بار بار حڪومتن ۾ ايندڙ پارٽيون نمائشي طور عوام جون ڳالھيون ڪن ٿيون: اياز لطيف پليجو
views
|
13th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ فصل سٺا لھن ٿا تھ ھٿ وٺي انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، آبادگارن ۽ ھارين بدران واپارين کي فائدو ڏنو ويندو آھي
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ھي دور پٿر جو ناھي۔ ھي دور علم جو آھي، عقل جو آھي، سائنس جو آھي، ترقي پسند ۽ روشن خيالي جو آھي۔ اسان کي اڳتي وڌڻو آھي تہ حقيقي برابري، رواداري، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ڪرڻي پوندي۔ حقيقي جمھوريت کي اڳتي آڻڻو پوندو۔ مخصوص طبقي جي مفادن لاء مٿين طبقي کي مينيج ڪرڻ بند ڪرڻو پوندو۔جمھوريت جي مضبوطي لاء حقيقي قدم کڻڻا پوندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ مٿين طبقي ۽ ذاتي مفادن لاءِ حڪومتن ۾ ايندڙ نمائندن وٽ ملڪ ۽ غريب عوام لاءِ ڪو بہ پروگرام ناھي، بار بار حڪومتن ۾ ايندڙ پارٽيون نمائشي طور عوام جون ڳالھيون ڪن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ فصل سٺا لھن ٿا تہ ھٿ وٺي انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. آبادگارن ۽ ھارين کي فائدو ڏيڻ بدران ٺيڪيدار مافيا کي نوازيو وڃي ٿو. ھاڻ ڪڻڪ جي پوکي ٿي رھي آھي، جڏھن فصل لھندو تہ ڪڻڪ جو بارداڻو آبادگارن بدران واپارين کي وڪرو ڪيو ويندو. آبادگارن کان سستي ڪڻڪ وٺي عوام کي مھانگو اٽو وڪرو ڪيو ويندو. ائين ھر فصل سان ٿئي ٿو. ڪمند، ساريون، ڦٽيون، ٽماٽو سميت ھر لھندڙ فصل جو فائدو آبادگارن بدران ڪميشن مافيا کي ڏئي سنڌ جي غريب عوام کي وڌيڪ بدحال ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي غلط پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بي پناھ غربت وڌي، ھڪ طرف سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، ٻئي طرف زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا ملڪ ترقي يافتہ ۽ خوشحال آھن پر سنڌ ۾ عوام بدحال ۽ حڪمران خوشحال آھن. پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي سنڌ مان اربين روپيا لٽي دبئي، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
اپوزیشن جماعتوں کا حکومت مخالف اتحاد کو مزید وسعت دینے کا فیصلہ
21st Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
حکومتِ سندھ اور آکسفورڈ پاکستان پروگرام کی جانب سے سندھ کے طلباء کے لئے آکسفورڈ یونیورسٹی میں گریجویٹ اسکالرشپس کا اعلان
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
چیف جسٹس سے تحریک انصاف کے وفد کی ایک گھنٹے طویل ملاقات
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پاڪستان اسٽيل ملز مان وڌيڪ 22سئو ملازمن کي برطرف ڪرڻ لاءِ ليٽر تيار
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: غلام الله ويجهو پير جو ڳوٺ ۾ 52 جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪشمور: جسقم پاران سنڌ پنجاب دنگ ڊيرا موڙ وٽ صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو، ڪئنال منصوبو سنڌ جي تباهي جو منصوبو قرار
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي: جسقم جي پيادل مارچ ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن جي به شرڪت، سنڌ دشمن منصوبا رد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف
0 تبصرے