سجاول ۾ مولانا فضل الرحمان جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف احجاجي ريلي

بيت المقدس جو مسئلو ڪنهن هڪ فرقي يا ڪنهن هڪ ملڪ جو نه بلڪه هي اسانجي ايمان جو مسئلو آهي: اڳواڻ

سجاول ۾ مولانا فضل الرحمان جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف احجاجي ريلي

سجاول(گلشيرميربحر) قائد جمعيت حضرت مولانا فضل الرحمن جي حڪم مطابق فلسطينين سان اظهار يڪجهتي ۽انهن تي اسرائيل ظلم خلاف پوري ملڪ جيان جمعيت علماء اسلام ضلعي سجاول طرفان ضلعي اميرمولانامحمدصالح الحدادجي قيادت ۾ جامع مسجدچوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهروڪيوويو ريلي کي خطاب ڪندي مولانامحمدصالح الحدادچيوته بيت المقدس جو مسئلو ڪنهن هڪ فرقي يا ڪنهن هڪ ملڪ جو نه بلڪه هي اسانجي ايمان جو مسئلو آهي فلسطيني قبله اول ۽ پهنجي ڌرتي جي جنگ وڙھي رهياآھن انهن تي اسرائيل طرفان ٿيندڙ ظلم ، بربريت وحشت ، ۽ غير انساني سلوڪ جي خلاف ۽ ان مظلوم فلسطينين جي حق ۾ آواز بلند ڪرڻ کي پاڻ مٿان فرض سمجهون ٿا ، هنن چيو ته موساد پاڻکي نمبر ون ايجنسي ڪوٺائڻ باوجود هن کي حماس جي مجاهدين جي سڌ ئي نه پئي ، اسرائيل فلسطين جي معصوم ٻارڙن ، بيگناه ماڻهن ، اسپتالن ۽ پاڻي جي ذخيرن کي نشانو بڻائي رهيو آهي آمريڪا اسرائيل جي جنگي مدد پيو ڪري, اسلامي ممالڪ به فلسطين جي کهلم کهلا حمايت ۾ نڪري اچن ،هن وڌيڪ چيو ته طاقت ، غير انساني جبر ۽ وحشت جي ذريعي فلسطيني علائقن تي اسرائيل جو قبضو وڌائڻ جنگ جي اصل بنياد آهي ،اسرائيل عالمي معاهدن ۽ انساني حقن جي ڀنڃڪڙي جي حوالي سان بدترين ريڪارڊ رکي ٿو ، اقوام متحده ۽ او آء سي صورتحال جي حساسيت جو احساس ڪن ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاء جلد نتيجو ڏيندڙ حڪمت عملي بڻائن ، هن چيو ته فلسطين مسئلي کي اقوام متحده جي قراردادن مطابق حل ڪرائي معصوم ۽ مظلوم فلسطينين کي اسرائيل جي ظلم ۽ جبر کان بچايو وڃي ريلي کي مفتي نظيراحمدعمراڻي حافظ فضل الله فياض مولانامحمدانورسومرو مولاناغلام حسين ميمڻ۽ مولانامحمداشرف ميمڻ خطاب ڪيوريلي ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي